تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سڄي سنڌ هڪ پيج تي اچي وئي: شهر شهر، ڳوٺ ڳوٺ احتجاجي ريليون، مظاهرا ۽ ڌرڻا

مارچ 11, 2025

ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌو درياءَ تي ٺهندڙ تڪراري ڪئنال رٿا خلاف سنڌ جا آبادگار، هاري، مزدور ۽ شاگرد هڪ ٿي ويا، واهڻ وستيءَ ۾ ريليون، مظاهرا، ڌرڻا خبر موجب نندو شھر ۾ سول سوسائٽي جي سڏ تي اڳواڻن الله بچايو ڀرڳڙي، ٽيل آبادگار فورم جي حفيظ ميمڻ، رضا شاهه، عزيز ڏيرو، جسقم اڳواڻ شاھد جمالي، سنڌ ترقي پسند پارٽي جي علي حيدر پنهور ۽ قومي عوامي تحريڪ جي ڪامريڊ حسين درس جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب نندو کان شاهنواز چوڪ تائين ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهر جي واپارين، زميندارن، هارين، شاگردن، استادن، سياسي سماجي، مذهبي  تنظيمن جي اڳواڻن  کانسواءِ سول سوسائٽي جي ماڻهن ڀرپور شرڪت ڪئي، ريلي پريس ڪلب کان شاهنواز چوڪ پهتي جتي سوين ماڻهن ڪئنال سمورا نامنظور جا زوردار نعرا هنيا، ميرپوربٺورو ۾گسٽا تعلقي ميرپوربٺورو پاران لطيف شورو، امجد ميمڻ، آفتاف قاضي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ بوائز گورنمينٽ ھائير سيڪنڊري اسڪول سامهون احتجاجي مظاھرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي، ڏيئي ۾ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڏيئي جي شاگردن لال سنڌي، ڪيلاش راجپوت، سڪينه درس، فرحان دسرت ۽ عوامي تحريڪ ضلع بدين جي صدر مھراڻ درس جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي شھيد فاضل راهو چوڪ تي ڌرڻوھنيو ويو، ڊگھڙي ۾ گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول صوفن شاھه جي اسڪولي شاگردن ۽ شاگردياڻين پاران اسڪول جي استادن، پ ٽ الف اڳواڻ منظور علي چيليو، سيد علي شاھه، عبدالستار چيليو، اسڪولي ٻارن سمعيه شاھه، سفينا، شگنا، امجد علي، راجڪمار ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ويو، نئون ڪوٽ ۾نوجوان اتحاد جي سڏ تي ۽ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي اڳوڻن ڀورالال سنڌي، سجاد علي ڪنڀار، خوشحال داس، علي رضا چانڊيو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سوين ماڻهن 22 ميل موري کان نئون ڪوٽ پريس ڪلب تائين پيادل ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، ريلي ۾ شريڪ ماڻهن هٿن ۾ بينر کڻي سنڌو تي ڌاڙو نامنظور جا نارا هنيا ويا، لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان فارما ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو طرفان سنڌو درياهه مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف لاھوري ريگيوليٽر کان ريلي ڪڍي جناح باغ چوڪ بلاڪ ڪري ڌرڻو هنيو ويو، لاڙڪاڻي جي مينهل آباد پاڙي جي رهواسي پورهيت ڀائرن پنهنجي ٻارڙن سان گڏجي سليم شيخ ۽ راجا ڏهر شيخ علي شاهه، دريا خان، سهڻي ۽ ثمرن شيخ احتجاج ڪيو، لاڙڪاڻي ۾ ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن لاڙڪاڻو جي سڏ تي وڪيلن طرفان توا کڻي احتجاجي ريلي ڪڍي ايس ايس پي چوڪ تي ڌرڻو هنيو، قمبر جي ڳوٺ آبڙي جي مڊل ۽ پرائمري اسڪول جي شاگردن شاگردياڻين ۽ استادن سنڌو درياءَ مان ڪئنال ڪڍڻ خلاف غلام محمد ميراڻي، خالد حسين ڪلهوڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج  ڪيو ويو، پکو  ۾ صحافين بشير احمد لغاري، علي عباس جمالي، حاڪم علي ڪلھوڙو، مير نصير احمد چانڊيو، فقير محمد مبارڪ بلوچ، طارق حسين مگسي، عبدالواحد ميئو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو،  قمبر ۾ ڊسٽرڪٽ بار جي وڪيلن طرفان سنڌو درياءَ مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف ڊسٽرڪٽ بار کان پيادل احتجاجي ريلي ڪڍي مختلف رستن کان ٿيندي شهداءِ چوڪ تي پهچي ڌرڻو هنيو، جنهن جي اڳواڻي شفيع محمد کوسو، عاشق جتوئي، نعمان هڪڙو، ماجد خاصخيلي، نورالله رند،نواب الدين چانڊيو، فراز هڪڙو ۽ ٻين ڪئي، باڊھه ۾ پ پ شھيد ڀٽو جي ڪارڪنن پاران سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏڻ خلاف پريس ڪلب کان حيدر  چوڪ تائين ريلي ڪڍي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ريلي ۾ شامل ڪارڪنن سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو نامنظور سنڌو درياءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ نامنظور جا نعرا زوردار نعرا هنيو، نصير آباد  ۾سول سوسائٽيءَ جي سڏ تي سنڌو درياءَ مان 6ڪئنال ڪڍڻ خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن جي اڳواڻي عنايت الله تنيو، رياض علي ڦلپوٽو،ڪامريڊ ابراھيم چانڊيو جي ايم لاشاري ۽ ٻين ڪئي، نصيرآباد ۾ ھاءِ اسڪول، چنا محلا پرائمري اسڪول ۽ سعيد خان پنهور پرائمري اسڪول استادن ۽ شاگردن طرفان احتجاج ڪيوويو، ڀرياسٽي ۾ شھرين سياسي سماجي اڳواڻن توڙي صحافين عبدالمجيد ڪيريو،  عبدلسميع خاصخيلي، عبدالستار راجپوت، يوسف سومرو، علي حيدر عباسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، جڏهن ته الشھباز ايريگيشن ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران جلسو منعقد ڪيو ويو، دوڙ ۾ پرائمري اسڪول رضا آباد جي استادن ۽ شاگردن ذوالفقار وساڻ، غوث بخش، نويد گورچاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، ڄام صاحب ۾ سياسي سماجي تنظيمن پاران خميسو وسطڙو، ابراهيم بگٽي، عبيدالله ڏاھري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٽنڊو آدم ۾ استادن ۽ شاگردن لکاڏنو خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شاندار ريلي ڪڍي وئي، گمبٽ ۾ جسقم بشير خان قريشي پاران حفيظ اڄڻ، ڪرم سامٽيو، زاهد شنباڻي، نديم اڄڻ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو ويو، عادلپور ۾ ايليمينٽري اسڪول چنگلاڻي جي هيڊ شاهد حسين ملڪ جي اڳواڻي ۾ اسڪول کان چنگلاڻي اسٽاپ تائين احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، راضيديرو ۾ ايلمينٽري اسڪول جي استادن، شاگردن، صحافين ۽ ڳوٺاڻن پرويز احمد ڄامڙو، ھوش محمد جکڙ، مشتاق ميمڻ، مزمل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، ٽنڊوميرعلي ۾ شاگردن پاران احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، سيٺارجا ۾ سياسي سماجي تنظيمن ۽ صحافي تنظيمن طرفان رحيم سهتو، امتياز لُنڊ، اعجاز سهتو  ۽ ٻين جي اڳواڻي ريلي ڪڍي وئي، جروار ۾  ايچ ايس سي ڪمپني ۽ جعفريا الائنس طرفان مولانا معشوق لنڊ، وحيد رباني، امين نائچ، منور علي لنڊ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، کهڙا ۾ پرائمري اسڪول ۽ استادن پاران فياض شاهه، دلشاد انصاري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪيو، ڪرونڊي ۾ مختلف اسڪولن جي شاگردن نعمان راڄپر، عبدالستار شر، عدنان چانگ، جبران ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو ويو، ٺري ميرواهه ۾ تعلقا بار جي وڪيلن مھتاب احمد شر، ارشاد مانڊڻ، غلام نبي شر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو، جڏهن ته شاگردن پاران پڻ ريلي ڪڍي وئي، پيروسڻ ۾ ھاءِ اسڪول جي شاگردن احسان علي، زوھيب احمد، ڪليم الله، سميع الله، اويس احمد، اقرار احمد ۽ فراز جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، نوشهروفيروز ۾ ٻارڙن ۽ نوجوانن بشارت کوسو، خالد مشوري،  امير بخش مري ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي، پنوعاقل ۾ شاگردن پاران حاجي چاچڙ، ذيشان منگي، فرمان کوسو، فاروق مھر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي وئي، پيروسڻ ۾ سول سوسائٽي ۽ سياسي سماجي تنظيمن پاران مرتضيٰ ڦل، آصف محمود، فاروق احمد ڦل، اياز ڦل ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو، بدين ۾ نوجوان اتحاد جي پليٽ فارم تان حيدر ڪاتيار، عابد چانڊيو، صدام پٺاڻ، اسلم ملاح، عرفان علي ميمڻ، غفار ساحل، عطا چانڊيو جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شيهد بينظير ڀٽو چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو، شادي لارج ۾ گورنمينٽ بوائز هاءِ اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ثناءُ الله لنڊ، عظيم لنڊ ۽ استادن سيف احمداڻي، زاهد کٽي، وجي ڪمار، واحد بخش احمداڻي ۽ ٻين جي اڳواِڻي ۾ ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪيو.

 

Leave A Comment