تڪراري ڪئنال ڪڍڻ خلاف سامارو، ماتلي، تلهار ۽ ٻين شهرن ۾ هڙتال ، ريليون، ڌرڻا

جنوري 10, 2025

تلهار/ ماتلي/ سامارو/ (نمائندن وٽان) سنڌو درياءِ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻي 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ ۽ سنڌ جي زمينن تي جبري والار ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ حوالي ڪرڻ خلاف سياسي سماجي اڳواڻ پير حماد جان سرهندي جي ڏنل سڏ تي ضلعي ڪائونسل ميمبر ۽ سياسي سماجي اڳواڻ حماد جان سرهندي، واپاري ايسوسيئيشن سامارو جي صدر شڪيل احمد قائم خاني، سياسي سماجي اڳواڻ بابر خان خاصخيلي، پي ٽي آئي ميرپورخاص ڊويزن اڳواڻ خانصاحب اڪبر پلي، يوسي چيئرمين وڏيرو وقار ذوالفقار خاصخيلي،  بابا جان سرھندي، ضلعي ڪائونسلر پير امجد جان، جمال خان ڀرڳڙي، فنڪشل ليگ اڳواڻ مير حسن ڪالرو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ شھيد پير جواد جان پيٽرول پمپ بچاءُ بند روڊ تان سوين ٽريڪٽر ٽرالين، موٽر سائيڪلن ۽ گاڏين جو مارچ ۽ ريلي ڪڍي پريس ڪلب سامارو پھتا جتي سوين ماڻھو گڏ ٿي ويا ۽ ڌرڻو ھنيو جنھن سبب سامارو ڪوٽ غلام محمد روڊ بند ٿي ويو ۽ ٽريفڪ بند ٿي وئي، ڌرڻي ۾ شريڪ ماڻھن تڪراري ڪئنال نامنظور ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور جي سخت نعريبازي ڪئي. ريلي ۽ مظاهري کي خطاب ڪندي پير حماد جان سرهندي، شڪيل قائمخاني، بابر خاصخيلي ٻين اڳواڻن چيو ته سنڌوءَ مان ڇھه ڪئنال ڪڍڻ سان اسان جي جياپي جو سوال آهي، پنجاب مسلسل اسان سان ڏاڍايون ڪيون آهن ۽ اسان خاموش ٿي برداشت ڪندا آيا آهيون، پر ھاڻي جڏھن صفا اسان جي نڙيءَ تي ننهن ڏئي اسان جي ٽوپين ۽ پٽڪن ۾ ھٿ وجھي اسان جي سنڌ کي تباھ برباد ۽ ڀڙڀانگ ڪرڻ وارا فيصلا ڪيا ويا آهن، ته ھاڻي اسان به جنگ ڪنداسين، ھنن چيو ته ھاڻي اسان کي گڏجي خاموشي ٽوڙي مذمت ۽ مزاحمت ڪرڻ گھرجي، ڪئنال نامنظور ۽ سنڌ جي زمينن تي جبري ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور چئي گھرن مان نڪتا آھيون، اگر پنجاب بارڊر تي ڌرڻو هڻڻو پيو ته اھو ته به ھڻنداسين، هنن چيو ته سنڌ جي هر ٻچي ٻچي کي گهران نڪري تڪراري ڪئنالن خلاف جدوجھد ڪرڻي پوندي جنھن سان اسان پنھنجي ٻچن جو مستقبل بچائي سگهون، ٻئي طرف  سنڌو درياءَ مان 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي سميت سنڌ جي زمينن تي والار خلاف ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي جي اڳواڻي ۾ سنڌ اسان جي ماءُ سنڌو ۾ اسان جو ساھ  جي عنوان سان شروع ڪيل جاڳرتا مھم جي سلسلي ۾ ايس ٽي پي سربراھه ڊاڪٽر قادر مگسي ۽ ٻيا مرڪزي اڳواڻ تلھار شھر پھتا جتي شھر جي مغل شادي ھال وٽ مقامي اڳواڻن راجه اعجاز خواجه ، مظھر حسين ڪھيري ، شوڪت عمراڻي ، اسلم سونارو ، علي محمد آريسر ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ھزارين پارٽي ڪارڪنن پاران کيس شاندار استقبال ڪري ريلي جي صورت ۾ مين حيدرآباد بدين بس اسٽاپ تي پھتا جتي ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جلسي عام کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جا آبادگار سارين جي پوکي لاء سدائين پاڻي جي کوٽ خلاف روڊن تي احتجاج ڪندي نظر آيا آھن ، وري جيڪڏھن سنڌو درياھه مان 6 نوان ڪئنال نڪتا ته پوءِ آبادگار  پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء به سڪي ويندا، سنڌ مڪمل بنجر بڻجي ويندي ، ھن پنھنجي خطاب ۾ چيو ته پيپلز پارٽي ۽ نواز ليگ گڏجي نه صرف سنڌين کان سندن جياپي جو ذريعو سنڌو درياءِ کسي رهيا آهن پر سنڌ جي زمينن تي والار ڪري سنڌين کان سندن ڌرتي به کسڻ جي ڪوشش ڪري رھيا آھن ، سنڌ جي ماڻهن کي هاڻي سجاڳ ٿيڻو پوندو ، جيڪڏهن سنڌي قوم پنهنجي ڌرتي، ۽ وسيلن لاءِ نه جاڳي ته سنڌ فلسطين بڻجي ويندي ، ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ ۾ بک بدحالي ۽ بي روزگاري سبب عوام پريشان آهي اسان سنڌو درياء مان ڪئنال ڪڍڻ واري منصوبي خلاف سنڌ جي ھر ننڍي وڏي  شھر ۾ وڃين جاڳرتا مھم ھلائي سنڌ جي ماڻھن کي سڄاڳ ڪنداسين ۽ سنڌو درياھ مان ڪئنال ڪڍڻ جي اجازت ڪنھن کي به نه ڏني ويندي ، سنڌو درياھ ۽ سنڌ بچائڻ لاءِ اسان پنھنجي سر جو سانگو لائي ميدان ۾ نڪرنداسين، جيڪڏھن  سنڌو ڌرياهه تي ڪئنال ٺاھڻ وارو منصوبو ۽ سنڌ جي زمينن تي والار ڪري سنڌ کي فلسطين بڻائڻ واري سازش بند نه ڪئي وئي ته ٻي صورت ۾ ايس ٽي پي سڄي سنڌ ۾ ڀرپور مهم هلائي سياسي عوامي جدوجھد سان حڪمرانن کي شڪست ڏيندي، جڏھن ته انھي موقعي تي مرڪزي اڳواڻ حيدر شاھاڻي ، ھوت خان گاڏاھي ، ڊاڪٽر سومار منڱريو ، ڊاڪٽر احمد نوناري شاھنواز سيال، راجه اعجاز خواجه، مظھر حسين ڪھيري ۽ ٻين پڻ جلسي عام کي خطاب ڪيو.

Leave A Comment