| تڪرار جو حل ڳالهين سان ئي ڪڍڻ گهرجي: پاڪستان |
اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان جي پرڏيهي وزارت چيو آھي تھ پاڪستان آمريڪا ۽ ايران ۾ ڳالھين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آھي پرڏيهي وزارت جي ترجمان طاهر اندرابي الجزيره کي ٻڌايو ته جيڪڏهن جنگ ۾ شامل ڌريون چاهين ته اسان جو ملڪ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڳالهين جي ميزباني ڪرڻ لاءِ تيار آهي ته جيئن تڪرار جو ڳالهين ذريعي حل ڳولي سگهجي. پاڪستان هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي فروغ ڏيڻ لاءِ مسلسل ڳالهين ۽ سفارتڪاري جي حمايت ڪئي آهي. الجزيرھ موجب ڪجهه رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا ۽ ايران جا مذاڪراتڪار ايندڙ ڏينهن ۾ اسلام آباد ۾ ملاقات ڪري سگهن ٿا، جيتوڻيڪ ڪنهن به ڌر هن ملاقات جي تصديق نه ڪئي آهي. رپورٽ موجب پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير آچر تي ٽرمپ سان ڳالهايو. وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڏينهن بعد ايراني صدر مسعود پيزيشڪيان کي فون ڪيو. ان کان پوءِ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار پنهنجي ايراني ۽ ترڪي هم منصبن سان الڳ الڳ فون ڪيا.