| تڪرار ختم، ساڪري ۾ هندو شاگردياڻيون اسڪول موٽي آيون، هيڊماسترياڻي جا ڀاڪر، لڙڪ وهي پيا |
ميرپور ساڪرو (رپورٽ: صاحب خان ڪلمتي) گورنمنٽ گرلس ھاءِ اسڪول ميرپور ساڪرو جي ھندو نياڻين ۽ ھيڊ ماسترياڻي وچ ۾ ھلندڙ تڪرار ختم ٿي ويون، ٻن مهينن کانپوءِ نياڻيون اسڪول پھچي ويون، 2 مھينا اڳ ھيڊ ماسترياڻي ۽ سانوڻ مھيشوري وچ ۾ غلط فھمين جي ڪري ھندو نياڻيون تعليم کان محروم رھيون ۽ اهي اسڪول ڇڏي گھر ويھي رھيون. شھر جي معززن ٻنهي ڌرين رضامندي سان ٺاھ ڪري ڇڏيو جنهن کان پوءِ ھندو نياڻيون اسڪول پھچي ويون ھيڊ ماسترياڻي کين ڀليڪار ڪري نياڻين کي پنهنجي ڀاڪر ۾ ڀريو ملڻ وقت نياڻيون ۽ ھيڊ ماسترياڻي جي اکين ۾ لڙڪ اچي ويا، ڌرين وچ سموريون رنجشون ختم ڪيون ويون نياڻين پنهنجي تعليم جو سفر شروع ڪري ڇڏيو.