اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار جي چئمبر ۾ ڏنل فيصلا ۽ سُپريم ڪورٽ جو هيومن رائيٽ سيل غيرقانوني قرار ڏئي ڇڏيو
سُپريم ڪورٽ ۾ زاهده اسلم ڪيس تي ٻڌڻي دوران ريمارڪس ڏيندي چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ چيو ته چيف جسٽس رڳو کُليل عدالت ۾ ڪيس مقرر ڪرڻ جو اختيار رکي ٿو، پنهنجي چئمبر ۾ ڪير به حڪم جاري نٿو ڪري سگهي
جسٽس اطهر من الله ريمارڪس ڏنا ته فيئر ٽرائل جا به ڪي اصول هوندا آهن، چيف جسٽس سُپريم ڪورٽ ناهي هوندو، سُپريم ڪورٽ ججز ۽ چيف جسٽس تي ٻڌل هوندي آهي
هن چيو ته ڪوبه چيف جسٽس قانوني اختياري دائري کان ٻاهر وارن معاملن تي نوٽيس نٿو وٺي سگهي، سُپريم ڪورٽ جي هيومن رائيٽس سيل جي انچارج عدالت کي ٻڌايو ته هُن ثاقب نثار جي چوڻ تي 3 لک 98 هزار درخواستن جو رڪارڊ ضايع ڪيو