ثقافت کاتي جي ڪامورن پاران ليجنڊ ٽرسٽ مان فراڊ ذريعي ساڍا 5 ڪروڙ ڪڍڻ جو انڪشاف

ثقافت کاتي جي ڪامورن پاران ليجنڊ ٽرسٽ مان فراڊ ذريعي ساڍا 5 ڪروڙ ڪڍڻ جو انڪشاف

ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) اسپيشل جج اينٽي ڪرپشن امين الله صديقي جي عدالت ۾ ثقافت کاتي جي آفيسرن پاران ليجنڊ ٽرسٽ اڪائونٽ مان جعلي چيڪن ذريعي 5 ڪروڙ ، 56 لک 88 هزار 500 رپيا ڪڍڻ جو انڪشاف، اينٽي ڪرپشن ويسٽ جي جاچ آفيسر شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي ڇڏي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته جعلي چيڪ نعمت الله خان ۽ جازيبا شوڪت جي نالي تي غير قانوني طور تي جاري ڪيا ويا، جاچ آفيسر موجب اصل چيڪ بوڪ جي ريڪوزيشن پيپر کي هٽائي جعلي پيپر لڳايو ويو، جڏهن ته بيمڪن جي انضمام بعد به غير قانوني طور تي چيڪ بوڪ جاري ٿيندا رهيا، رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪندي چيو ويو آهي ته جعلي چيڪ بوڪ ڪجهه وقت لاءِ ثقافت کاتي جي ڊپٽي ڊائريڪٽر عديل دايو جي قبضي ۾ به رهيا، نعمت الله خان فراڊ جو مک ڪردار آهي. جنهن 8 جولاءِ کان 19 سيپٽمبر تائين 2 ڪروڙ 10 لک 69 هزار 400 رپيا پنهنجي اڪائونٽ ۾ منتقل ڪيا، رپورٽ ۾ وڌيڪ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته جازيبا شوڪت پاران 19 جون کان 11 ڊسمبر دوران 3 ڪروڙ 76 لک 19 هزار 100 رپين جي ان ڪيشمينٽ جا ثبوت به مليا آهن, ڊپٽي ڊائريڪٽر عديل احمد دايو تي به سنگين غفلت ۽ ذميواريون نه پوريون  ڪرڻ جا اعتراض واريا ويا آهن، جاچ آفيسر انسپيڪٽر طارق احمد عدالت کي ٻڌايو ته فوڪل پرسن ليجنڊ ٽرسٽ فنڊ جي بينڪ اڪائونٽ لاءِ ڪو ڪيش بوڪ، اڪائونٽ ليجر يا لاڳاپيل رڪارڊ فراهم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو, جيڪو 2023ع جي پاليسي جي خلاف ورزي آهي، ليجنڊ فنڊ ٽرسٽ جي سيڪريٽري عديل  دايو اڪائونٽ جي مناسب نگراني نه ڪئي، فراڊ روڪڻ لاءِ ڪي به جوڳا قدم نه کنيا، ملوث ماڻهن خلاف 409, 420, 468, 472 ۽ 34 جي سيڪشنز تحت ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي. اينٽي ڪرپشن پوليس پاران وڌيڪ جاچ به جاري آهي، ثقافت کاتي جي ٻين ملازمن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو پيو وڃي.