ڪنڌڪوٽ /ڪشمور( رپورٽر) ڪنڌڪوٽ پوليس ٻارڙي ثمرت ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام بڻيل، ڪنڌ ڪوٽ جي مختلف شهرن ۾ احتجاج جو سلسلو جاري
ڪنڌڪوٽ ۾ سياسي سماجي اڳواڻن طرفان گهنٽا گهر چوڪ وٽ بک هڙتالي ڪيمپ قائم ڪئي وئي
اڳواڻڻ چيو ته ثمرت ڪمار جي اغوا کي 4 ڏينهن گذري چڪا آهن پر پوليس ٻارڙي کي بازياب ڪرائڻ لاءِ تحرڪ ناهي ورتو
ڪشمور ۾ سياسي اڳواڻن ۽ روشن تارا ھاير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن پاران ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو
ان موقعي تي راڪيش مڪريجا فقير محمد زمان دايو لعل چند رفيق احمد چنا ۽ روشن تارا ھاير سيڪنڊري اسڪول جي شاگردن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پوليس معصوم ثمرت ڪمار کي بازياب ڪرائڻ لاءِ صرف ڳالهيون ڪري رهي آهي عملي طور ڪجهه به نه پئي ڪري
احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته ثمرت ڪمار کي فوري بازياب ڪرائي ضلعي ۾ امن قائم ڪرايو وڃي