| ثمينا گهرايو آ: هرکجي آيل ٻن ڄڻن کي کنڀڙا پوليس بچائي ورتو |
اوٻاوڙو(ن پ ا) کنڀڙا پوليس ٻن ڄڻن کي چيڪنگ دوران ڪراس بند وٽان اغوا ٿيڻ کان بچائڻ جي دعوا ڪئي آهي جڏهن ته پوليس موجب ته روز جي معمول مطابق ڪراس بند وٽان چيڪنگ ڪري رهيا هئا سين ته لاهور جي فيصل ٽائون جي رهواسي عبدالرحمن ۽ لاهور جي حافظ آباد جي علائقي امجد نديم کي اغوا ٿيڻ کان بچائي ورتو آهي ٻئي ڄڻا عورتاڻي آواز تي هرکجي اغوا ٿيڻ وڃين رهيا هئا ته کين پڇا ڳاڇا ڪئي سين ته اغوا کان بچي ويل شخصن پوليس کي ٻڌايو ته ڪجه ڏينهن کان نا معلوم نمبرن تان ڪالون اينديون هيون جيڪا ثمينه نالي هڪ ڇوڪري ۽ هڪ نامعلوم نالي سان ڇوڪري سان دوستي ٿي وئي شادي ڪرڻ جي لا۽ اڄ ڪشمور طرف گهرايو ويو هو جيڪو وڃين رهيا هئا سين ته پوليس کين واپس ڪري ٿاڻي تي وٺي آئي جتي ضروري ڪاروائي بعد وارثن سان رابطو ڪري واپس موڪليو ويو ,