ثنا جي بازيابي موبائل ٽريسنگ ذريعي ٿي: پوليس بااثرن کي پڌرو ڪري ڇڏيو

جُون 17, 2023

قاضي احمد: پوليس ثنا بي بي جي بازيابي لاءِ بااثرن جون دعوائون رد ڪري ڇڏيون آهن سندس چوڻ آهي ته ثنا بي بي جي بازيابي جوابدارن جي موبائل فون ٽريسنگ ذريعي ٿي آهي

پوليس موجب ثنا بي بي کي پوليس ڳجھي اطلاع ملڻ توڙي موبائل فون جي ٽريسنگ بعد ڪراچي جي علائقي گلزار ڪالوني مان پوليس جي ڪاروائي ڪري بازياب ڪرايو ويو آهي

سندس چوڻ آهي ته  نينگري کي نواب شاھه جي وومين پوليس اسٽيشن پھچايو پيو وڃي سندس طبي معائنو ڪرايو ويندو جنهن بعد کيس عدالت آڏو پيش ڪيو ويندو

ٻئي طرف  ثنا بي بي جي وارثن سيد ھاشم شاھ رابطي ڪرڻ تي چيو آھي ته نينگري کي اسان جي حوالي ڪيو وڃي، جوابدار ڌر جي فطري عمل کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو ويندو انهن کان حساب ڪتاب ورتو ويندو

هن وڌيڪ چيو ته معامري تي علائقي جا چڱا مڙس جيڪو فيصلو ڪندا ان تي اسين عمل ڪنداسين  سيد ذات سان ناانصافي ٿي آھي

Leave A Comment