ثنا شاهه جون وارثن سان گڏ وڃڻ لاءِ دانهون: عدالتي احاطي ۾ ڏکوئيندڙ منظر

جُون 18, 2023

قاضي احمد /دولتپور(الهه رکيو سيال ۽ پيرل پلي) قاضي احمد مان اغوا بعد بازياب ٿيل ثنا شاهه جو بيان رڪارڊ نه ٿيو، شاگردياڻي جي وارثن سان وڃڻ لاءِ دانهن عدالتي احاطي جو ماحول ڏکوئي ڇڏيو

 19 ڏينهن اڳ ڳوٺ ھوتجواھڻ مان مبينا طور نجي اسڪول جي استاد حنيف کوسو ھٿان اغوا ڄاڻايل ثنا شاھ کي ڪراچي جي رهائشي علائقي گلزار ڪالوني مان هٿ ڪري وومين پوليس ٿاڻي نواب شاھ ۾ ترسائڻ بعد دولتپور پوليس جي پھري هيٺ فرسٽ سول جج جوڊيشل مئجسٽريٽ  دولتپورجي عدالت ۾ 164 جو بيان پيش ڪرڻ لاءِ آندو ويو

 عدالت سڳوري پاران قانون گھرجون پوريون نه هجڻ سبب نينگري جو 164 وارو بيان رڪارڊ ٿي نه سگهيو عدالت سڀاڻي ٻيهر سموريون گهرجون پوريون ڪري نينگري ثناء بي بي شاھ کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڪندي ٻڌڻي 19 جون سڀاڻ تائين ملتوي ڪري ڇڏي

ٻڌڻي دوران ثنا شاھه سان امڙ ڀينرن توڙي ٻين گهر ڀاتين پڻ موجود هئا ان دوران گهر ڀاتين سان پڻ ملاقات ڪئي وئي عدالتي حڪم تحت جڏھن نينگري کي وومين پوليس نواب شاھ منتقل ڪيو ويو

 شاگردياڻي ثنا شاهه نوابشاهه منتقلي وقت عدالتي احاطي ٻاهران موجود وارثن کي ڏسي  امڙ ڀينرن ۽ گهر ڀاتين ڏانهن وڃڻ جو چئي رهي هئي پر پوليس کيس زبردستي پوليس موبائل ۾ کڻي رواني ٿي وئي

عدالتي ٻڌڻي دوران اڳوڻو صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏاهري سميت نينگري جا وڏي انگ ۾ وارث پڻ عدالت ٻاهران موجود هئا

ٻئي طرف ثنا شاھه جي وارثن دولتپور پوليس ايس ايڇ او مٿان الزام هڻندي چيو ته پوليس نينگري کان مرضي جو بيان وٺڻ چاهي ٿي عدالت ۾ پيش ڪرڻ کان اڳ پوليس ٿاڻي اندر نينگري کان بيان ورتو پئي ويو جيڪا ناانصافي آھي

 هوڏانهن عدالت جي ٻاهران اڳوڻي صوبائي صلاحڪار محمد اسماعيل ڏهري چيو ته دولتپور پوليس ايس ايڇ او گلزار مري نينگري جي اغوا واري واقعي ۾ ملوث جوابدار حنيف کوسو کي بچائڻ ٿو چاهي

هن چيو ته  نينگري کي پوليس دٻاءُ ڏئي اهو بيان وٺڻ ٿي چاهي ته سندس جون اکيون ٻڌل هنيون جوابدارن کي نه ٿي سڃاڻا اهڙو بيان وٺي جوابدار ڌر کي رليف ڏنو پيو وڃي

واضع رهي ته ڪالھه دولتپور پوليس ۽ ڪراچي  پوليس گڏيل  ڪاروائي دوران ڪراچي جي گلزار ڪالوني مان نينگري کي هٿ ڪري نواب شاھ وومين پوليس ٿاڻي تي منتقل ڪيو هو جتي رت ترسائڻ بعد اڄ کيس دولتپور جي عدالت ۾ 164 بيان لاء پيش ڪيو ويو

لاڳاپيل پوسٽون

  • فيلڊ مارشل، ٽرمپ ملاقات، ايران – اسرائيل تڪرار تي ڳالهه ٻولهه

  • ايران-اسرائيل جنگ، عالمي صف بندي تيز ٿي وئي ، ڪير ڪنهن سان گڏ بيٺو آهي؟

  • ايران جو اسرائيل تي ڏهون وڏو حملو

  • ايران جو صبح سوير اسرائيل تي وڏو حملو ، 100 کان وڌيڪ ميزائل فائر، 14 اسرائيلي مارجي ويا ۽ 380 زخمي ٿيا