قاضي احمد(رپورٽ: الهه رکيو سيال) ثناءُ بي بي جي بازيابي بعد سوشل ميڊيا تي نئون بحث ڇڙي ويو، بااثرن پاران نينگري جي بازيابي ۾ ڪردار ادا ڪرڻ بابت گوءِ کڻڻ لاءِ پوسٽون رکڻ ۾ لڳي ويا آهن
ثناءُ بي بي شاھه جي هٿ اچڻ واري معامري تي دولتپور صفن سان تعلق رکندڙ حڪمران ڌر جي پ پ پ ايم پي اي سردار خان محمد ڏاهري، اڳوڻي معاون خصوصي سردار اسماعيل ڏاھري، پ پ پ ايم اين اي سيد غلام مصطفيٰ شاھ جا حامي ماڻھو سوشل ميڊياتي نينگري جي بازيابي لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ بابت پوسٽون رکڻ ۾ گوءِ کڻڻ جي ڪوشش ۾ رڌل آھن
اھڙي عمل نينگري ثنا بي بي جي معامري کي سياسي جنگ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آھي، ھوڏانهن هن سموري معامري تي پوليس پنهنجو موقف ڏيڻ کان انڪاري آھي
ثناءُ بي بي جي مبينا اغوا واري معامري تي وارثن جو موقف سامهون آيو آھي سندن چوڻ آهي ته علائقي جي سمورين ڌرين، ساڃاهه وندن، سول سوسائٽي، جي ڊبليو سي سميت ٻين جي جدوجهد بعد اسان جي نياڻي کي پوليس بازياب ته ڪرايو آھي پر نينگري اسان جي حوالي ڪئي وڃي
ثنا بي بي جي بازيابي لاءِ فريال ٽالپر ڇا ڪيو؟
سيد هائوس نواب شاھه جي ترجمان آفتاب ميمڻ پڻ جاري ڪيل بيان ۾ چيو آھي ته ثنا بي بي جي بازيابي ۾ ملڪ جي اڳوڻي صدر آصف علي زرداري جي ڀيڻ عورت ونگ اڳواڻ ايم پي اي فريال ٽالپر صاحبه جو وڏو ڪردار آھي
علائقي واسي توڙي سيد برادري فريال ٽالپر جي شڪر گزار آھي جنهن ھوتجو واھڻ واسي اغوا ٿيل سادات جي نياڻي ثنا شاھه جي واپسي ھر مدد ڪئي ۽ سيد خاندان سان هر وقت رابطي ۾ رھي