جئي پرڪاش پاران پي ٽي آءِ ڇڏڻ جو اعلان، پريس ڪانفرنس دوران روڻهارڪو ٿي ويو

مَي 19, 2023

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) پي ٽي آءِ جون وڪيٽون ڪرڻ جو سلسلو جاري اڳوڻي ايم اين اي جئي پرڪاش پاڪستان تحريڪ انصاف ڇڏڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس دوران جئي پرڪاش روئڻهارڪو ٿي ويو ان موقعي تي جئي پرڪاش چيو ته 9 مئي جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪريان ٿو، ان واقعن ۾ ملوث ماڻهن کي گرفتار ڪري سزا ڏني وڃي

هڪ سوال تي جئي پرڪاش چيو ته مون کي ڪنهن به نه کنيو هو نه ئي گم ڪيو هو هاڻ به گهران ئي آيو آهيان

 9 مئي تي آئون ڪراچي ۾ موجود هيس بعد ۾ ڏٺو ته فوجي عمارتن تي حملا ڪيا ويا آهن ان عمل تي ڏک ۽ تڪليف پهتي آهي بي اعتمادي رٿ دوران به پارٽي سان گڏ هئاسين في الحال پارٽي ڇڏي رهيو آهيان سياست نه

جئي پرڪاش پي ٽي آءِ جي اقليتي ونگ جي صدر ۽ پي ٽي آءِ جي اقليتي سيٽ تي ايم اين اي هو

Leave A Comment