جاتي، شاهبندر، ڪيٽي بندر ۾ تيز هوائن سان برسات، ڪراچي ۾ به بونداباندي

جُون 13, 2023

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ)  ڪراچي، ٺٽي ۽ سجاول جي مختلف علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات به شروع ٿي وئي آهي

ڪراچي ۾ ابراهيم حيدري، شاهراهه فيصل سوڌو مختلف علائقن  ۾ تيز هوائون گهلڻ لڳيون آهن ۽ هلڪي برسات به پئي آهي

جاتي، شاهبندر، ڪيٽي بندر، گهوڙاٻاري سوڌو سجاول ۽ ٺٽي جي مختلف شهرن ۾ به وسڪارو، علائقي واسين جي پريشانين ۾ اضافو ٿي ويو آهي

سامونڊي طوفان جو امڪان برقرار آهي، جڏهن ته ڪيٽي بندر شهر ۽ ڀرپاسي مان وڏي پئماني تي لڏپلاڻ جاري جاري آهي

Leave A Comment