جاتي (رپورٽر) سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويل جاتي واسي 7 مهاڻا واپس نه موٽيا، وارث سخت پريشان ٿي ويا آهن
ڳوٺ قاسم ٿهيمور سان تعلق رکندڙ مهاڻا 10 ڏينهن اڳ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويا هئا جن جو ڪو به ڏس پتو ناهي ملي سگهيو
هوڙي جو مالڪ حمزو، شفيع ٿهيمور، اشرف عرف اڇو، سومار ولد شادي ٿهيمور سوڌو 7 مهاڻن جا وارث سخت پريشان آهن
سومار ٿهيمور جي گهر واري جو چوڻ آهي ته مڙس سوڌو ٻيا مهاڻا 10 ڏينهن اڳ سمنڊ ۾ مڇي جي شڪار لاءِ ويا هئا جيڪي لاپتا آهن، انهن کي ريسڪيو ناهي ڪيو ويو
سومار ٿهيمور جي گهرواري چيو ته مڙس جي واپسي جو انتظار ڪري رهي آهيان، حڪومت کي اپيل آهي ته منهنجي مڙس سوڌو ٻين مهاڻن جي ڳولا ۾ مدد ڪئي وڃي، انهن کي باحفاظت واپس آندو وڃي