جاتي ۾سامونڊي طوفان جو اثر شروع، گهرن ۽ دڪانن جا ڇپرا اڏامي ويا

جُون 12, 2023

جاتي (ن پ ا)جاتي سميت ساحلي پٽي ۾ سامونڊي طوفان جا اثرات شروع ٿي ويا آهن

 ساحلي پٽي سميت تعلقي جاتي ۾ تيز مٽي سان طوفاني هوائون لڳڻ سبب ڪچن گهر توڙي دڪانن جا ڇاپڙا اڏامي وڃڻ سميت ماهيگيرن پاران ڪلڪان ڇاڻي، زيرو پوائنٽ سميت ٻين تڙن تي بيٺل ٻيڙيون ٽڪرائجڻ سبب ٽٽي ويون.هوڏانهن ساحلي پٽي جي رهواسين رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو

ته انتظاميا اسان کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ڪرڻ لاءِ ڪير به ناهي پهتو. هنن چيو 19 مئي 1999ع ۾ به اهڙو ئي سامونڊي طوفان آهيو هو،

 اطلاع نه ملڻ سبب 450 کان مٿي جانيون ضايع ٿي ويون هيون.اسان کي ٻيهر سامونڊي طوفان جي منهن ۾ ڇڏيو ويو آهي. ٻي طرف فشر فوڪ فور جي مرڪزي اڳواڻ ۽ ساحلي پٽي جي رهواسي نور محمد ٿهيمور پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو سمنڊ اندر مڇي جي شڪار لاءِ ويل 30 کان مٿي هوڙا 250 کان مٿي ماهيگير سمنڊ ۾ ڦاٿل آهن.

 ٻي طرف تڪ جي ايم پي اي پ پ ضلعي صدر محمد علي ملڪاڻي ساحلي پٽي جي مختلف ڳوٺن جا طوفاني دورا ڪري ماڻهن کي محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿيڻ جون هدايتون ڪيون.

Leave A Comment