جان ريمبو ٻي شادي جي خواهش ڏيکاري ڇڏي 

  جان ريمبو ٻي شادي جي خواهش ڏيکاري ڇڏي 

ڪراچي (ڪلچرل ڊيسڪ) پاڪستان شوبز انڊسٽري جي سينيئر اداڪار افضل خان عرف جان ريمبو ٻي شادي جي خواهش ڏيکاري آهي، هڪ ٽي وي شو ۾ هن پنهنجي مخصوص انداز ۾ڳالهائيندي چيو ته هو پنهنجي باري ۾ اها افواهه پکيڙڻ چاهيندو ته هن ٻي شادي ڪئي آهي. افضل خان لالي ووڊ ۾ جان ريمبو جي نالي سان مشهور آهي، هو پنهنجي منفرد اداڪاري ڪري تمام گهڻو مشهور ٿيو، کيس  پي ٽي وي جي مشهور ڊرامي “گيسٽ هائوس” کان شهرت ملي، ٽي وي شو ۾ افضل خان پنهنجي ذاتي زندگي جي دلچسپ رخن تي بحث ڪيو.  هڪ موقعي تي هو ماضي ۾ پيش آيل جذباتي لمحن ۽ جدوجهد کي ياد ڪندي لڙڪ لاڙي ويٺو، اداڪار چيو هو پنهنجي زندگي جي سفر تي يقين نه ڪري سگهيو. افضل چيو ته شادي کان اڳ هن ڏينهن رات گهر ٺاهڻ لاءِ ڪم ڪيو ، پروگرام دوران جڏهن کانئس پڇيو ويو ته هو پنهنجي باري ۾ ڪهڙا افواهه پکيڙڻ چاهيندو؟ جنهن ته هن مزاحيه انداز ۾ جواب ڏنو ته هو اها خبر پکيڙڻ چاهيندو ته هن ٻي شادي ڪئي آهي. جان ريمبو وڌيڪ چيو ته اسلام ٻي شادي جي اجازت ڏئي ٿو پر سندس اهڙو ڪو به ارادو ناهي. هو ٻي شادي جو افواهه پکيڙي رڳو عوامي ردعمل ڏسڻ چاهي ٿو، واضح رهي ته ريمبو جي صاحبه سان ڪامياب شادي هلي رهي آهي