جان شير خان  اسڪواش ٽورنامينٽ ناصر اقبال  کٽي ورتو

جان شير خان  اسڪواش ٽورنامينٽ ناصر اقبال  کٽي ورتو

اسلام آباد (اسپورٽس نيوز) عالمي رانديگر ناصر اقبال، انس علي شاهه کي سولائيءَ سان 0-3 تان مات ڏئي جان شير خان مارخور چئلينجر اسڪواش ٽورنامينٽ 2026 کٽي ورتو. ملندڙ معلومات موجب مصحف شهيد انٽرنيشنل اسڪواش ڪمپليڪس اسلام آباد ۾ منعقد ٿيل چيمپئن شپ جي فائنل ۾ ناصر اقبال پنهنجي حريف تي مڪمل طور تي حاوي رهندي هڪ طرفي مقابلي ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي. ناصر اقبال صرف 15 منٽن جي مقابلي ۾ پهريون ريم 1-11 تان کٽڻ بعد، ٻئي ريم ۾ 3-11 ۽ ٽئين ريم ۾ 3-11 تان فتح حاصل ڪري وننگ ٹرافي پنهنجي نالي ڪئي. اختتامي تقريب ۾ انعام ورهايا ويا.