| جان محمد سوسائٽي لڳ ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ ڊراڳو اليون کٽي ورتي: شاهپور مهر کي فائنل ۾ شڪست |
جان محمد سوسائٽي (رپورٽ: عابد مهر) جان محمد سوسائٽي ڀرسان ڳوٺ يوسف مهر ۾ شهيد فوجي طارق علي مهر جي ياد ۾ شاندار ڪرڪيٽ ٽورنامينٽ منعقد ڪيو ويو، جنهن ۾ گهوٽڪي اليون، ڊراڳو اليون، شاهپور مهر اليون سميت 16 ٽيمن حصو ورتو. ٽورنامينٽ جو فائنل ڊراڳو اليون ۽ شاهپور مهر اليون وچ ۾ کيڏيو ويو. فائنل مقابلي ۾ ڊراڳو اليون جارحاڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي مقرر 8 اوورن ۾ 153 رنسن جو وڏو هدف ڏنو. جواب ۾ شاهپور مهر اليون گهربل هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهي، جنهن بعد ڊراڳو اليون شاندار فتح حاصل ڪري فائنل پنهنجي نالي ڪري ورتو ۽ ٽورنامينٽ جي چيمپيئن بڻجي وئي. مقابلي کي ڏسڻ لاءِ ڪرڪيٽ شوقينن جو وڏو انگ موجود هو، جن ٻنهي ٽيمن جي رانديگرن جي شاندار ڪارڪردگي کي ڀرپور داد ڏنو.