| جان محمد سوسائٽي ۾ راندين جو هفتو، استادن کي سلامي |
جان محمد سوسائٽي (رپورٽ: عابد مھر) جيجل امان پبلڪ ھائير سيڪنڊري اسڪول ڀٽائي آباد ۾ 19 ڊسمبر 2025 تائين راندين جو ھفتو شروع ٿي ويو. افتتاح منظور احمد سومرو ڪيو. خاص مهمان مقبول احمد لغاري هو. مختلف ٽيمن جا شاگرد ۽ شاگردياڻيون پنھنجي مخصوص رنگن جي اسپورٽس ڪٽس ۾ شريڪ ٿيا. شاگردن مھمانن ۽ استادن کي سلامي پيش ڪئي. پھرئين ڏينھن تي ڊوڙ، ميوزيڪل چيئر، والي بال، بيڊمنٽن جا مقابلا ٿيا.