ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جي نگران سرڪار شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي ۾ سراپا احتجاج صحافين جا مطالبا مڃي ورتا
صوبائي نگران گهرو وزير رٽائرڊ برگيڊيئر حارث نواز احتجاج ڪندڙ صحافين جي نمائندن کي گهرائي ڳالهيون ڪيون
صوبائي وزير شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪچي ۾ پوليس ۽ رينجرز جو گرينڊ آپريشن شروع ڪرڻ جي خاطري ڪرائي ڇڏي آهي
شهيد جان محمد مهر جو قتل ڪيس سي ٽي ڊي سکر منتقل ڪرڻ وارو مطالبو به منظور ڪيو ويو، ملاقات ۾ شهيد جان محمد مهر جو ڀاءُ ڪرم الله مهر به موجود هو
شهيد جان محمد جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب آڏو صحافين جو ڌرڻو سنڌ سرڪار جي خاطري بعد ختم ڪيو ويو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان پهتل صحافي ڌرڻي ۾ شريڪ ٿيا، شهيد جان محمد مهر جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ نعريبازي ڪئي وئي
ان کان اڳ انتظاميا ڪنٽينر رکي ڦوهارا چوڪ کي سيل ڪري ڇڏيو هو جڏهن ته
گذريل ڏينهن آءِ جي سنڌ 15 ڏينهن مهلت گهري هئي ان باوجود ڪوبه کڙتيل نه نڪتو