جان محمد مهر قتل ڪيس، سمورن جوابدارن جي جسماني ۽ جڊيشل رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ
نومبر 7, 2023
سکر: سکر جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت پاران شهيد جان محمد مهر قتل ڪيس جي سمورن جوابدارن جي جسماني ۽ جڊيشل رمانڊ ۾ 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي
سينيئر صحافي جي قتل ڪيس ۾ گرفتار سمورن 6 جوابدارن کي عدالت آڏو پيش ڪيو ويو، جاچ پوليس پاران جوابدار شير محمد شيخ، بشير مهر ۽ رمضان شيخ جي جسماني رمانڊ ۾ واڌ جي استدعا ڪئي
عدالت پوليس جي تحويل ۾ موجود ٽنهي جوابدارن 7 ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو آهي
جيل ڪسٽڊي ۾ موجود ٽن جوابدارن بخش علي، بابر ۽ منور مهر جي جڊيشل رمانڊ ۾ به 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي
جاچ آفيسر عدالت کي آگاهي ڏيندي چيو ته گرفتار ڪيل جوابدارن کان ٻين جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ نشاندهي ڪرائي ويندي
عدالت ڪيس جي ٻڌڻي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي