جان محمد مهر ڪيس، ٻڌڻي ملتوي
جُون 18, 2025
سکر (پنهنجي ڊيسڪ )سکر ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت شهيد صحافي جان محمد مهر قتل ڪيس جي ٻڌڻي وڪيلن جي مهلت سبب 2 جولاءِ تائين ملتوي، دهشتگردي ٽوڙ عدالت سکر جي جج عبدالرحمان قاضي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي،عدالت ۾وڪيلن جي مهلت واري درخواست سبب بيان رڪارڊ نه ٿي سگهيا،عدالت ۾ فريادي ڪرم الله مهر ۽ ڪيس جا شاهد سيڪيورٽي خدشن سبب پيش نه ٿيا، قتل ڪيس ۾ 6 جوابدار بخشل عرف بخشو مهر، منور مهر، شيرو شيخ، بشير مهر ۽ ٻيا ضمانت تي آزاد آهن، قتل ڪيس جو مک جوابدار شيرل عرف شيرو مهر فوت ٿي چڪو آهي،قتل ڪيس ۾ مرڪزي جوابدار جمن مهر، گلزار مهر، روشن مهر، نصير مهر، محسن مهر ۽ ٻيا گرفتار نه ٿي سگهيا آهن،13 آگسٽ 2023 تي سکر وچ شهر ۾ هٿياربند فائرنگ ڪري جان محمد مهر کي قتل ڪرڻ بعد آساني سان فرار ٿي ويا هئا.