جان کي خطرو آهي، ڪجهه به ٿيو ته ذميوار ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ پوليس هوندي: ام رباب

نومبر 8, 2023

ڪراچي: ام رباب چانڊيو چيو آهي ته منهنجي جان کي خطرو آهي،  ڌمڪيون ملي رهيون آهن پوليس ڪيس خراب ڪري رهي آهي

وڊيو بيان جاري ڪندي ام رباب چانڊيو چيو ته جوابدار ڪريم چانڊيو جو پٽ منهنجي سڪيورٽي۾ مداخلت پيو ڪري، ايس ايڇ او منهنجي سڪيورٽي ۾ مداخلت ڪري رهيو آهي

هن چيو ته  خدارا هوش کان ڪم وٺو منهنجي زندگي خطري ۾ آهي، يقين ٿي رهيو آهي ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب اهو منصوبو جوڙيو آهي،  مون کي ڪجهه ٿيو ته ذميوار ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ۽ سنڌ پوليس هوندي

وڊيو بيان ۾ ام  رباب چانڊيو وڌيڪ چيو ته جنهن سان مسئلو هلندڙ آهي کيس اسان جي سڪيورٽي ڏني وئي آهي، ظالمن سان مقابلو جاري رهندو

ام رباب چانڊيو چيو ته آءِ جي سنڌ صاحب اوهان جي سنڌ پوليس منهنجو ڪيس خراب ڪري رهي آهي، مون کي جان جو خطرو آهي، آءِ جي صاحب اوهان مان مون کي اميد آهي

Leave A Comment