جاويدان سيمينٽ لميٽڊ جي نجڪاري ۾ هير ڦير جو انڪشاف

جاويدان سيمينٽ لميٽڊ جي نجڪاري ۾ هير ڦير جو انڪشاف

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽي جي ذيلي ڪميٽي جو اجلاس ڪنوينر شاهده اختر علي جي صدارت هيٺ اجلاس منقعد ٿيو. اجلاس ۾ نجڪاري واري وزارت متعلق 2010-11 ۽ 2013-14 جي آڊٽ اعتراضن جو جائزو ورتو ويو. جاويدان سيمنٽ لميٽيڊ جي نجڪاري ۾ پري ڪواليفڪيشن جو عمل نه ٿيڻ بابت آڊٽ اعتراض سامهون آيو. آڊٽ اختيارين چيو ته جن زر ضمانت جمع ڪرائي هئي اُنهن کي ئي ڪواليفاءِ ڪيو ويو. سيڪريٽري نجڪاري چيو ته چار بڊرز ذريعي مقابلو ٿيو، ڪا به هير ڦير ناهي ٿي. پري ڪواليفڪيشن تڏهن ڪئي ويندي آهي جڏهن ضرورت هجي، هتي ضرورت نه هئي ۽ ڪا به خلاف ورزي ناهي ٿي.