موهن جو دڙو(ن پ ا) سنڌ جي قديمي ماڳ موهن جي دڙي تي جاپان جي وائيس قونصليٽ مس سيتو ماچي ٻين پرڏيهي سياحن سان گڏجي موهن جي دڙي جو دورو ڪيو
جاپان جي وائيس قونصليٽ مس سيتو ماچي اسٽوپا، گريٿ باٿ، ڊي ڪي ايرياز ۽ ميوزيم سميت ٻين قديمي آثارن جو پڻ دورو ڪيو. جڏھن ته جاپان جي وائيس قونصليٽ کي موهن جي دڙي جو ڊائريڪٽر سيد شاڪر شاهه ۽ مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي قديم آثارن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني
ان موقعي تي جاپان جي وائيس قونصليٽ مس سيتو ماچي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته موهن جو دڙو کي ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي آھي. هن چيو ته موهن جو دڙو تمام خوبصورت آھي هتان جا ماڻھو تمام محبتي ۽ قربائتا آھن هن چيو ته مان گهڻي ٿورائتي آھيان
موهن جو دڙو تي مقرر ڊائريڪٽر سيد شاڪر شاهه جي جنهن مونکي پنهنجو لکيل ڪتاب تحفي طور ڏنو ۽ مقامي گائيڊ ارشاد سولنگي پاران ڊي جي ثقافت منظور قناصري جو ڇپيل ڪتاب به تحفي طور ڏنا. هوڏانهن جاپان جي وائيس قونصليٽ جي سيڪيورٽي انتهائي تمام سخت ڪئي وئي هئي