| جاپان جي پاڻي جي بلا ڪپا حقيقت هئي؟ عجيب ڍانچو هٿ |
ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپان ۾ هڪ پراڻي گهر مان مليل اڌ مڇي ۽ اڌ انساني باقيات جل پري بابت نئون بحث شروع ڪرائي ڇڏيو آهي. ان عجيب قسم جي مڇي جا ڏند تکا ۽ ان جو پڇ به آهي جنهن کي قديم بلا قرار ڏنو ويو آهي جنهن سان اها ڏند ڪٿا درست ثابت ڪئي پئي وڃي ته جل پري ڪنهن دور ۾ موجود هئي. اهو ڍانچو جاپان جي شهر فوڪوشيما ۾ واقع پراڻي گهر مان مليو آهي. جنهن جا ڏند بليڊ وانگر تکا آهن ۽ ان جو پڇ به واضح نموني نظر اچي ٿو. اهو به خيال ڪيو پيو وڃي ته اها جاپاني ڏند ڪٿائي ڪهاڻين جي پاڻي واري بلا ڪپا آهي جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اها جاپان جي ڍنڍن ڍورن ۾ رهندي هئي ۽ انسانن ۽ جانورن کي ڇڪي پاڻي ۾ کڻي وڃي ماري ڇڏيندي هئي.