جاپان ۾ انسانن کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ فرج تيار

جاپان ۾ انسانن کي گرميءَ کان بچائڻ لاءِ فرج تيار

ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپان ۾ تازن ڏينهن ۾ گرميءَ پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي چڪو آهي ۽ حڪومت پاران هيٽ اسٽروڪ جا الرٽ پڻ جاري ڪيا ويا آهن. ان کي ڏسندي 2 جاپاني ڪمپنين شديد گرميءَ کي منهن ڏيڻ لاءِ جيڪو حل پيش ڪيو آهي، اهو حيران ڪندڙ آهي ۽ اهو آهي انساني فرج. ، انهن ڪمپنين پرسنل ڪولنگ باڪس تيار ڪيو آهي ته جيئن ٻاهرئين گرميءَ جي لهر (هيٽ ويو) کان تحفظ فراهم ڪري سگهجي. ان جي قيمت 15 لک جاپاني ين رکي وئي آهي ۽ ماڻهو اسٽين ليس اسٽيل مان ٺهيل باڪس يا دٻي جي اندر موجود ڪرسيءَ تي ويهي رهندا، ان کان پوءِ طاقتور ٿڌيون هوائون خارج ٿينديون آهن جيڪي جسم جو گرمي پد 5 ڊگري سينٽي گريڊ تائين گھٽائي ڇڏينديون آهن، جنهن سان مجموعي جسماني گرمي پد گھٽجي ويندو آهي. هي انساني فرج 15 سينٽي گريڊ گرميءَ جي پد کي برقرار رکي ٿي ۽ وڌ ۾ وڌ 20 منٽ هلڻ کان پوءِ پاڻمرادو (آٽوميٽڪ) بند ٿي وڃي ٿي وڃي ٿي. 84 انچ (ڊگهي) ۽ 47 انچ (ويڪري) فرج کي هڪ ڪلاڪ تائين هلائڻ تي 16 ين خرچ ٿيندا آهن، جڏهن ته هي ايئر ڪنڊيشنر جي مقابلي ۾ گھٽ بجلي خرچ ڪري ٿي، ڪمپنيءَ موجب هي پورٽيبل ڊيوائس سڄي جسم کي ٿڌو ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿي ۽ روايتي ايئر ڪنڊيشنر جي مقابلي ۾ وڌيڪ تيزيءَ سان جسم کي ٿڌو ڪري ٿي. ان جو چوڻ هو ته ان کي ڪاڏي به کڻي وڃي سگهجي ٿو ۽ اهڙين جڳهن تي رکي سگهجي ٿو جتي ڪم ڪندڙ ماڻهن کي شديد گرم موسم ۾ ڪم ڪرڻو پوي ٿو. ڪمپنيءَ دعويٰ ڪئي ته ان ۾ ويهندڙ فرد جو جسم 5 منٽن اندر نمايان حد تائين ٿڌ محسوس ڪرڻ لڳي ٿو ۽ ان جي اندر 10 منٽ گذارڻ سان هيٽ ويو جي علامتن جي شدت گھٽجي ويندي آهي.