جاپان ۾ برفباري بعد روڊ حادثا، 57 گاڏين ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

جاپان ۾ برفباري بعد روڊ حادثا، 57 گاڏين ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا فوت

ٽوڪيو (م ڊ) جاپان ۾ هڪ خوفناڪ حادثو پيش آيو، جنهن ۾ 57 گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون ۽ ٻه ڄڻا فوت ٿي ويا، جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا. پرڏيهي ميڊيا موجب روڊ تي برفباري سبب ٻه ٽرڪون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، جنهن کانپوءِ ٻيون گاڏيون به هڪٻئي سان ٽڪرائجڻ لڳيون ريسڪيو اختيارين ٻڌايو ته برفباري سبب امدادي ڪمن ۾ به ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. حادثي ۾ ٻه ڄڻا فوت ۽ 26 ڄڻا زخمي ٿي پيا، زخمين کي مختلف اسپتالن ڏانهن منتقل ڪيو ويو.