| جاپان ۾ به سنڌ جي ثقافت جا رنگ، ايڪتا جي شاندار تقريب |
اوساڪا (م ڊ) جاپان جي شھر اوساڪا ۾ سنڌي ايسوسيئيشن آف جاپان پاران ثقافتي ڏهاڙي جي تقريب منعقد ڪئي وئي. قومي عوامي تحريڪ جو سربراھ اياز لطيف پليجو مھمان خاص طور شريڪ ٿيو. جاپان ۾ رھندڙ سنڌي پنھنجي گهرڀاتين ۽ ٻارن سميت وڏي انگ ۾ شريڪ ٿيا. خطاب ڪندي اياز لطيف پليجي ثقافتي ڏينھن جون مبارڪون ڏيندي چيو تہ ثقافتي ڏينهن ان عنوان سان ملهايون تہ سنڌ جي درياء، زمينن، وسيلن، امن، ميرٽ ۽ وحدت تي حملا نامنظور. سنڌ ثقافت ۽ تھذيب جي ماءُ آهي. ثقافتي ڏهاڙو سنڌ سميت سڄي دنيا ۾ رهندڙ سنڌين کي گڏي ھڪ تسبيح ۾ پوئي ٿو. سنڌي ماڻھو امن پسند، ترقي پسند، روشن خيال، علم دوست، انسان دوست، موسيقي ۽ رقص سان پيار ڪندڙ آھن. دنيا کي سنڌو تھذيب تي فخر آهي. ثقافت، علم ۽ ادب کانسواءِ قومون کوکليون ھونديون آهن. اياز لطيف پليجي چيو تہ سنڌ سميت دنيا ۾ رهندڙ ڪروڙين سنڌي ايڪتا ڏهاڙي کي ٻڌي، ايڪي جو ڏينهن، قومي عيد ۽ قومي ڏينهن سمجهي ٻار، عورتون، شاگرد، استاد، وڪيل، مزدور، ھاري ڀرپور نموني ملھائيندا آهن. اسان کي سنڌي ٻوليءَ سان گڏ، پنجابي، پشتو، اردو، بلوچي، ھندڪو ۽ سرائڪي ٻوليون بہ عزيز آھن. اسان ميرٽ، امن ۽ برابري چاهيون ٿا. اوھان مان ھرھڪ اھا قومي ذميداري کڻي تہ ھو ھر سال ڪن بہ ٽن کان پنجن قابل، محنتي، ايماندار ۽ ضرورتمند نوجوانن جي ڀرپور مدد ڪري، انھن کي تعليم ۽ روزگار لاءِ پرڏيھه گھرائي انھن جي حال ۽ مستقبل کي بھتر بڻائڻ جو ڪردار ادا ڪندو.هن چيو تہ ھر سال باقائدگيءَ سان سنڌ اچو ۽ ھڪ ٻہ ھفتا پنھنجي اباڻي شھر يا ڳوٺ ۾ رھو، ان دوران سنڌ جي ننڍن وڏن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ معلوماتي ليڪچر ڏيو، لائبريرين، اڪيڊميز، اسڪولن ۽ ڪاليجز جا دورا ڪيو ۽ ڄاڻ پکيڙيو. جي ممڪن ٿي سگھي تہ پنھنجي ڳوٺ ۾ ڪو ننڍڙو ڪمپيوٽر سينٽر، اڪيڊمي يا لائيبريري قائم ڪيو.