| جاپان ۾ رڇن کي آبادي کان پري رکڻ لاءِ ڀونڪندڙ ڊرون مقرر |
ٽوڪيو (انٽريسٽنگ نيوز) جاپان ۾ ريڇن کي آبادي کان پري رکڻ لاءِ ڀونڪندڙ ڊرون مقررڪيا ويا آهن، هي ٽيڪنالاجي لکين ماڻهن جي حفاظت لاءِ هڪ غيرجانبدار ۽ جديد حل فراهم ڪري ٿي، جاپان جي ڪجهه علائقن ۾ خاص ڪري پهاڙي يا ديهي علائقن ۾ ريڇ انسانن جي آبادي جي ويجهو اچي رهيا آهن، جن کي پري رکڻ لاءِ ڊرون ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جاپان جي ضلعي گفو ۾ مقامي حڪومت ريڇن جي وڌندڙ رپورٽن سبب ڊرون پائلٽ پروجيڪٽ شروع ڪيو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته ريڇن جي قدرتي خوراڪ گهٽجڻ ۽ آبادي گهٽ هجڻ جي ڪري اهي انسانن جي ويجهو اچي رهيا آهن، ڊرونز ۾ اسپيڪر لڳايا ويا آهن، جن مان شڪاري ڪتن جي آواز پڻ آهي . هي آواز ريڇن کي ڊڄائي ٿي ۽ انهن کي ٻيهر جهنگل ڏانهن ڀڄڻ تي مجبور ڪري ٿي. ڪجهه ڊرونز ۾ آتشبازي، ڌماڪي جا اوزار به لڳايا ويا آهن ته جيئن ريڇن تي وڌيڪ خوف جو اثر پوي اهي ڊرونز تڪڙا قدم کڻڻ لاءِ استعمال ٿين ٿا، خاص طور تي انهن هنڌن تي جتي ريڇن جي موجودگي يا ميوو ٽوڙڻ جا نشان ملن، گفو ضلعي جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن هي طريقو مؤثر ثابت ٿيو ته ان کي ٻين علائقن ۾ به لاڳو ڪيو ويندو. هي ٽيڪنالاجي خاص طور تي پهاڙي ڳوٺن ۾ رهندڙ ماڻهن لاءِ هڪ محفوظ ۽ غيرجانبدار حل آهي.