اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ ۾ پاناما ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت رمارڪس ڏنا آهن ته جاچ ادارن جي موجودگي ۾ سپريم ڪورٽ پاناما ڪيس جي جاچ ڪيئن ٿي ڪرائي سگهي؟
پاناما پيپرز ۾ 436 پاڪستانين خلاف جاچ لاءِ جماعت اسلامي اسلامي جي درخواست تي سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي ٿي، جماعت اسلامي جي وڪيل پاران پاناما ڪيس ۾ 436 پاڪستانين خلاف جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي استدعا ڪئي وئي
عدالت چيو ته آف شور ڪمپني ٺاهڻ ڪو ڏوهه نه آهي، ڏسڻو اهو آهي ته اها ڪمپني ٺاهي ڪيئن وئي، 436 ماڻهن خلاف ائين آرڊر جاري ڪرڻ انصاف جي خلاف هوندو
جسٽس طارق مسعود رمارڪس ۾ چيو ته توهان کي 7 سالن کانپوءِ ياد آيو آهي ته هي عوامي مفاد جو معاملو آهي، ان وقت ڇا رڳو هڪ ئي خاندان جي خلاف پاناما ڪيس هلائڻ هو؟ اُن وقت سڀني خلاف گڏائي ڪيس ٻڌڻ لاءِ ڇو نه چيو ويو؟ جماعت اسلامي 7 سالن دوران ڪنهن اداري آڏو شڪايت ڇو نه ڪئي؟
جسٽس طارق مسعود چيو ته سمورا ڪم هاڻي سپريم ڪورٽ ئي ڪري؟ 436 ماڻهن کي نوٽيس ڏيڻ کانسواءِ هنن خلاف ڪارروائي جو حڪم ڪيئن ڏيون؟ انهن 436 ماڻهن ۾ ڪاروباري ماڻهو به هوندا، ڇا توهان انهن کي ڀڄائڻ چاهيو ٿا؟
هن معاملي تي عدالت جو ڪلهو استعمال نه ڪيو، عدالت پاران مهيني لاءِ ٻڌڻي ملتوي ڪئي وئي، پاناما ڪيس ۾ 436 پاڪستانين مان رڳو نوازشريف، سندس ڌيءَ مريم نواز ۽ ناٺي صفدر اعواڻ جي نااهلي ٿي هئي جماعت اسلامي کانسواءِ عمران خان به پاناما ڪيس ۾ درخواست داخل ڪئي هئي