| جاگيردار طبقو سنڌ جي غلامي جو ذميوار آهي: قادر مگسي |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 63هين سالگرهه جي مناسبت سان هڪ شاندار تقريب ترقي پسند ھائوس حيدرآباد تي منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ سياسي، سماجي، مزدور ۽ ترقي پسند تنظيمن جي اڳواڻن، ڪارڪنن ۽ وڏي انگ ۾ عوام شرڪت ڪئي.تقريب کي خطاب ڪندي ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ جي غلامي ۽ ذلت جو ذميوار رڳو ڌاريون قوتون ناهن، پر انهن سان گڏ سنڌ جو جاگيردار طبقو به برابر جو شريڪ رهيو آهي. هن چيو ته سنڌ جا جاگيردار اڄ به سنڌ دشمن فيصلن ۾ ملوث آهن ۽ هميشه پنهنجي مفادن خاطر سنڌي قوم جي حقن جو سودو ڪندا رهيا آهن.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ ترقي پسند پارٽي نسلي ۽ لساني دهشتگردي خلاف عملي جدوجهد ڪئي آهي. ايس ٽي پي هڪ پاسي نسل پرست ۽ لساني ٽولن کي سندن سازشن ۾ ناڪام بڻايو آهي، سنڌ ۾ نون صوبن جو راڳ بند ٿيڻ گهرجي، ڇو ته هي ملڪ قومن جي مرضي سان ٺهيو هو.ڊاڪٽر قادر مگسي چيو ته سنڌ کي ست ڪروڙ انسان پنهنجو مادر وطن سمجهن ٿا، ۽ سنڌ دشمن ناپاڪ ارادا رکندڙن کي سنڌي قوم ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندي. ان کان علاوه سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ايس ٽي پي سربراهه جي 63هين سالگرهه ملهائي وئي، ڪيڪ پڻ ڪاٽيا ويا.