| جبري گمشدگين ۽ جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش ڪرڻ لاءِ نئون مڪينزم آڻڻ جو فيصلو |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ قومي عدالتي پاليسي ساز ڪميٽي جو اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ جبري گمشدگين ۽ ڪمرشل ڪيسن تي مؤثر ردعمل ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ چيف جسٽس آف پاڪستان يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ نيشنل جوڊيشل پاليسي ساز ڪميٽي جو 56هون اجلاس منعقد ٿيو، جنهن ۾ سڀني هاءِ ڪورٽن جي چيف جسٽسز ۽ وفاقي آئيني عدالت جي چيف جسٽس امين الدين شرڪت ڪئي۔ اجلاس جي پڌرائي مطابق ڪميٽي جبري گمشدگين جي ڪيسن تي مؤثر اداراجاتي ردعمل ڏيڻ ۽ گرفتار جوابدارن کي 24 ڪلاڪن اندر مئجسٽريٽ آڏو پيش نه ڪرڻ جي صورت ۾ نئون ميڪنزم متعارف ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ ٻين اهم فيصلن ۾ ڪمرشل ڪيسن جي جلد فيصلي لاءِ ڪمرشل لٽيگيشن ڪوريڊور لاڳو ڪرڻ، ڪيسن جي فيصلن لاءِ مقرر ڪيل ٽائيم لائينز تي سختي سان عملدرآمد، ۽ عدالتن ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس جي استعمال لاءِ قومي گائيڊ لائينز جي تياري شامل آهن. ڪميٽي لاهور هاءِ ڪورٽ پاران 4 لک 65 هزار کان وڌيڪ ڪيس اُڪلائڻ جي رڪارڊ کي ساراهيو، پشاور هاءِ ڪورٽ جي وراثتي ڪيسن جي نظام جي تعريف ڪئي ۽ سڀني ضلعي عدالتن ۾ اي فائلنگ فوري طور شروع ڪرڻ جي منظوري ڏني. 2019 تائين جا سڀ پراڻا وراثتي ڪيسن کي 30 ڏينهن اندر اُڪلائڻ جي هدايت ڪئي وئي ۽ جيل سڌارن بابت صوبائي حڪومتن سان صلاح مشوري جو به فيصلو ڪيو ويو.