جبلن جو عالمي ڏينھن ….جبل بچايو ـ سنڌ بچايو…. منظور ھاليپوٽو

                 سنڌ جي ڏکڻ اوڀر ۾ واقع ڪارونجھر جبل صرف هڪ جاگرافيائي بناوت نه آهي، پر هڪ وسيع تاريخ، ماحوليات، مذهب، ۽ ثقافت کي پاڻ ۾ سموئيل قدرتي خزانو آهي. ٿرپارڪر ضلعو، جيڪو سنڌ جي سڀ کان منفرد جاگرافي ۽ تهذيب رکندڙ علائقن ۾ شمار ٿئي ٿو، اتي ڪارونجھر جبل حياتياتي تنوع ۽ قديم انساني آبادڪاريءَ جو مرڪز رهيو آهي. ڪارونجھر آراوالي جبلن جي آخري ڪڙي آهي، جيڪا راجسٿان کان شروع ٿي ننگرپارڪر وٽ ختم ٿئي ٿي. جبل لڳ ڀڳ 19 کان 24 ڪلوميٽر ڊگهو، جڏهن ته اوچائي 300 کان 350 ميٽر جي وچ ۾ آهي. ماهرن موجب، هن پهاڙي سلسلي جون ٽڪريون پري ڪيمبرين يعني ساڍا چار ارب سال اڳ شروع اينيمل بينگ دور جون ٽڪريون  آهن. ان دور ۾ ڌرتيءَ تي وڏا جاندار پيدا ٿيا ھئا. جن جي عمر 2.5 کان 3 ارب سال لڳائي وڃي ٿي. گرينائيٽ ۾ ٺهيل هي جبل ٿر جي ريگستاني ميدانن ۾ هڪ قدرتي حفاظتي ديوار جو ڪم ڪري ٿو ۽ مقامي آبهوا جي ترتيب ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو.

                 ڪارونجھر جبل جو نباتاتي نظام ٿر جي ريگستاني حياتيات کي پهاڙي موسمياتي عنصرن سان گڏيل صورت ۾ پيش ڪري ٿو. هتي سئو کان وڌيڪ جڙي ٻوٽيون ۽ ٻوٽا موجود آهن، جن ۾ ڪانير، موريلو، باوڙ، سنڊل، گگار، ڦوڳ، کوبر ۽ ٻيا صديون پراڻا ٻوٽا شامل آهن. انهن مان ڪيترائي دوائن ۾ استعمال ٿين ٿا، خاص ڪري ٿري عورتون انهن مان درد، تپ، پيٽ جي سور، ۽ چمڙيءَ جي بيمارين لاءِ دوائون تيار ڪن ٿيون. جبل وٽ چيڪڻ جنهن کي Indian Gazelle چيو وڃي ٿو، هلڪو ڀورو، تيز رفتار ريگستاني هرڻ، جيڪو پهاڙن جي ٻوٽن ۽ جڙي ٻوٽين تي گذر ڪندو آهي. ٿرپارڪر جي لوڪ ثقافت، هنر، ڪپڙي جي ڪڍت، رقص ۽ موسيقي ۾ ڪارونجھر جو رنگ گهرو آهي. ڪارونجھر جبل مقامي آبادي لاءِ رزق جو ذريعو آهي. جڙي ٻوٽين جي واپار، مال جي چاري، ثقافتي سياحت، ۽ تاريخي مندرن تي ايندڙ سياحت مقامي معيشت جي بهتر ڏينهن لاءِ اميد آهي. جيڪڏهن رياستي سطح تي ان کي قدرتي پارڪ قرار ڏنو وڃي ته ٿرپارڪر نه صرف ماحولياتي تحفظ پر سياحت جي نئين باب ۾ داخل ٿي سگهي ٿو.

روهڙيءَ جون ٽڪريون:

روھڙي جون ٽڪريون سنڌ جي اوڀر، اوڀر ۽ اتر  علائقن ۾ واقع آهن، جيڪي خيرپور ۽ سکر ضلعي جي وچ ۾ ڦهليل آهن. ٽڪرين جو پٽ اٽڪل 40 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 16 ڪلوميٽر ويڪرو آهي. هي ٽڪرين جو سلسلو چن جي پٿر تي مشتمل آهي ۽ ڪجھ هنڌن تي سخت فلنٽ  به ملي ٿو، جيڪو پراڻي دور ۾ اوزار ٺاهڻ لاءِ استعمال ٿيندو هو. روھڙي جون ٽڪريون اولھ  کان سنڌو درياهه جي ويجهو شروع ٿين ٿيون ۽ اوڀر ۾ نارا درياهه يا ناليءَ واري واديءَ تائين ڦهليل آهن. انھث جي ويجهو علائقا زرخيز ميدان آهن، جڏهن ته ڏکڻ ۽ اوڀر طرف وڻ ٻوٽن کان خالي علائقن جو سلسلو آهي. ڪجهه هنڌن تي پٿر  جي ڪٽائي لاء کوري يعني خاص قسم جي ھڪ جاء جتان پٿر ڪٽيو وڃي، يعني “پٿر کڏ”  قائم آهن، جيڪي جبل جي قدرتي ۽ تاريخي ورثي لاءِ خطرو بڻيل آهن. روھڙي ٽڪرين جي تاريخي اهميت آهي. هتي  اپرپيليو لٿڪ يعني اوزار سازي واري ترقي واري زماني يعني ٻارھن ھزار سال کان پنجاھ ھزار سال اڳ واري   دور جا آثار مليا آهن. جبل ۾ هزارين پراڻا فلنٽ ٽُٽل پٿر، اوزارن جا ڀاڱا ۽ هٿ سان اوزار ٺاهڻ جا هنڌ ڪارخانا موجود آهن. اهي اوزار تاريخ ۾ انسان جي منظم انداز سان پٿر ڪٽائي ۽ اوزار سازي کي ظاهر ڪن ٿا. ٽڪرين جي ھيٺئين علائقي ۾ ڪوٽڏيجي قلعو ۽ ٻيا ماڳ پڻ موجود آهن، جيڪي تاريخي ۽ ثقافتي لحاظ سان اهم آهن. روھڙي جبل نه صرف پٿر جي مائننگ لاءِ اهم رهيا آهن، پر هتي انساني آبادڪاري جا آثار پڻ مليا آهن، جيڪي سنڌ ۽ ٻين علائقن جي تاريخ سمجهڻ ۾ مدد ڏين ٿا.

مذھبي عقيدت وارين جڳھين ۾ روھڙي ٽڪرين جي ويجهو سنڌو  نديءَ جي ڪناري تي ستين جو آستان واقع آهي. مقامي داستان موجب، هتي ست عورتن يا ڀينرن جون قبرون آهن. هي جاءِ مذهبي لحاظ کان اهم آهي ۽ مقامي ماڻهو عقيدت سان هتي وڃن ٿا. ھتي  هڪ پراڻو ٻڌمت جو ماڳ سيراج جي ٽڪري پڻ ھتي موجود آهي، جيڪو روھڙي جبل جي مٿئين حصي تي واقع آهي. هتي مٽي ۽ پٿر جي ڀتين جون باقيات موجود آهن، جيڪي ٻڌمت جا آثار ظاهر ڪن ٿيون.

کيرٿر رينج:

کيرٿر جبل سنڌ جي اوڀر- اولهه واري حد تي بلوچستان کان شروع ٿي دادو، ڄامشورو ۽ قمبر- شهدادڪوٽ تائين پکڙيل آهي. هي سلسلو تقريباً 300 ڪلوميٽر ڊگهو ۽ 1800 ميٽر اوچو آهي، ۽ چن جي پٿر، گرينائيٽ ۽ سخت جابلو زمين مان ٺهيل آهي. کيرٿر جبل قديم انساني آبادڪاري، غارن، رستن ۽ ڀت تي نقاشيء جو مرڪز آهي. نباتات ۾ سنڊل، ڪانير، باوڙ، اَک اڪ ۽ جڙي ٻوٽيون شامل آهن. جيوت ۾ چيڪڻ (Indian Gazelle)، نيل ڳئون، لومڙ، جھنگلي ٻڪر‚ جھنگي رڍ‚ ڦاڙھو، ھرڻ‚ سرھ‚ گڊ ـ ھي سڀ ٻڪري جي نسل سان ملندڙ جانور ٻن ٿڻن وارا ۽ لومڙ، جھنگلي ٻلي، سھو، سيڙھ ڳوھون‚ ريگ تتر  ڪيسٽرل يعني باز جھڙو پکي‚ ڳجھ‚ سرڻ ۽ مور شامل آهن. برساتن کان پوءِ جبل جون کاڙون، ڌن ۽ قدرتي کڏون مقامي آبادي لاءِ پاڻي جو ذريعو بڻجن ٿيون.

کيرٿر جبل ثقافتي ۽ مذهبي لحاظ کان پڻ اهم آهي. صوفي سنتن جون درگاهون جبل جي دامن ۾ واقع آهن. ھي سڀ علائقا کيرٿر ۾ رينج ۾ اچن ٿا، جتي هندو ۽ مسلمان گڏجي عبادت ڪندا رهيا آهن. مقامي لوڪ ثقافت، رقص، گيت ۽ هنر جبل سان ڳنڍيل آهن، جڏهن ته پراڻيون غارون ۽ چٽسالي انساني تهذيب جا نشان آهن. معاشي لحاظ سان جبل مقامي آبادي لاءِ چرپر، مالداري ۽ جڙي ٻوٽين جي واپار جو ذريعو آهي. ثقافتي سياحت پڻ مقامي معيشت کي مضبوط ڪري سگهي ٿي. ھتي چشما ۽ آبشار پڻ موجود آھن جڏھن تـ کيرٿر جي ھڪ مخصوص ايريا کي ماحوليات جي بقا لا ڪم ڪندڙ عالمي اداري آءِ يو سي اين طرفان “محفوظ علائقو” قرار ڏنو ويو آهي.

جبلن ۾ تيل ڳوليندڙ ڪمپنيون بلاسٽنگ‚ ايس او پيز جي ابتڙ ويجھي مفاصلي تي ڪريش پلانٽ‚ ترقيءَ جي نالي تي قيمتي پٿرن جي کوٽائي جي ڪري جبل ختم ٿيڻ  سان جابلو ڪلچر‚ ماحول‚ باقيات ختم ٿي رھي آھن. ان ڪري جبلن کي بچائڻ جي ضرورت آھي.