جبل چاڙهو اسد ميمڻ محفوظ هنڌ منتقل، طبي امداد ڏني وئي آهي: پرڏيهي ترجمان

مَي 24, 2023

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) جبل چاڙهو اسد ميمڻ کي محفوظ هنڌ تي پهچايو ويو آهي ان حوالي سان پرڏيهي وزارت جي ترجمان بيان جاري ڪيو آهي

پرڏيهي ترجمان موجب اسد علي ميمڻ کي نيپال جي لڪلا هوٽل پهچايو ويو آهي ۽ مڪمل طور محفوظ آهي

پرڏيهي ترجمان چيو آهي ته اسد ميمڻ کي طبي امداد ڏني وئي آهي پهرين فلائيٽ ۾ ئي اسد ميمڻ کي ڏيهه پهچايو ويندو نيپال ۾ سفارتخاني پاران سندس سار سنڀال ڪئي پئي وڃي

جبل چاڙهو اسد ميمڻ مائونٽ ايورسٽ ۾ ڦاسي پيو هو جنهن کي مشڪل صورتحال مان ڪڍي هوٽل ۾ پهچايو ويو آهي

واضح رهي ته لاڙڪاڻي جي لاھوري محلي جو شھري نوجوان اسد ميمڻ سنڌ جو پھريون شھري ۽ پھريون سنڌي آھي جيڪو مائونٽ ايورسٽ جي چوٽيءَ تي چڙھي ويو هو. اسد ميمڻ دنيا جي بلند ترين چوٽي مائونٽ ايوريسٽ سر ڪري سنڌ جو ڳاٽ اوچو ڪيو آهي

اهي ڳالهيون سامهون آيون هيون ته چوٽي تان هيٺ لهندي زخمي ٿي پيو جنهن سبب کيس هيٺ لهڻ ۾ سخت مشڪلات پيش آئي،

مائونٽ ايورسٽ تي ڦاٿل اسد علي ميمڻ نيپال ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي درخواست ڪئي ته کيس ايئرلفٽ لاءِ کٽمنڊو ۾ بندوبست ڪيو وڃي

زخمي اسد ميمڻ کي ايورسٽ چوٽي تان ريسڪيو ڪيو ويو

Leave A Comment