خانپور ( ن پ و) خانپور ويجهو جتوئي برادري ۾ ڪارنهن تڪرار شدت اختيار ڪري ورتي، ڌرين ۾ فائرنگ دوران هڪ ڄڻو قتل ٿي ويو ۽ عورت زخمي ٿي پئي
رستم ٿاڻي جي حد ڳوٺ جمن سکپور ۾ ڪارنھن تڪرار تان دوداڻي جتوئي جي ٻن ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو جنهن دوران فائرنگ جي نتيجي ۾ بخش علي پٽ عبدالحليم دوداڻي جتوئي قتل ٿي ويو ۽ عورت عجيبان زخمي ٿي پئي
جهيڙي کانپوءِ ڌريون مورچابند ٿي ويون آهن جنهن سبب وڌيڪ خونريزي جو خدشو آهي، علائقي واسين ۾ خوف وارو پکڙجي ويو آهي
پوليس جو چوڻ آهي ته ڪچي واري علائقي ۾ جتوئي ڌرين ۾ ڪارنھن تڪرار ھلندڙ آھي جنهن تان فائرنگ ۾ ھڪ ڄڻو قتل ٿي ويو آهي ۽ ھڪ عورت زخمي ٿي آهي