جتوئي مهر تڪرار سبب خطرو: شڪارپور ۾ 52 شاگردن جي امتحان ڏيڻ کان رهجڻ جو خدشو

جتوئي مهر تڪرار سبب خطرو: شڪارپور ۾ 52 شاگردن جي امتحان ڏيڻ کان رهجڻ جو خدشو

رستم (رپورٽ: طيب جتوئي) شڪارپور ۾ جتوئي مھر تڪرار سبب 52 شاگرد نائين ۽ ڏھين ڪلاس جا امتحان ڏيڻ کان رھجي وڃڻ جو خدشو ظاھر ڪيو ويو آھي، ان حوالي سان تعليم کاتي جي ذريعن کان ڄاڻ ملي آھي ته يوسي نون ۽ يوسي ٿانھريو جا رھواسي 22 شاگرد خانپور ھاءِ اسڪول ۾ نائين ۽ ڏھين ڪلاس جي امتحانن لاءِ سلپون ته وصول ڪري ويا آھن، پر 7 اپريل يعني اڄ مقرر ڪيل امتحاني سينٽر ۾ اچي پيپر ڏيڻ لاءِ پريشان آهن. ھوڏانھن رستم ۽ محمد آباغ جي باک اسڪول جا 15-15 يعني 30 شاگرد امتحاني سلپيون ئي وصول نه ڪري سگھيا آھن، جنھن ڪري اهي پيپر ڏيڻ کان رهجڻ جو امڪان آهي.شاگرن پاران امتحاني سينٽر تبديل ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل عملدارن سان رابطو ڪيو ويو پر سهڪار نه ڪيو ويو. ان سلسلي ۾ استاد واجد بخاري، نھال سنڌي، ڳوٺاڻن امتياز جتوئي ۽ مُشتاق مھر جو چوڻ ھو ته جتوئي مھر تڪرار سبب شاگرد پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري رهيا آهن، شاگردن جي تحفظ لاءِ امتحاني سينٽر تبديل ڪيو وڃي يا وري امتحاني تاريخ تبديل ڪئي وڃي. لاڙڪاڻي بورڊ جا تڪراري علائقن خانپور، رستم ۽ محمد آباغ جي اسڪولن ۾ پرچا ورتا پيا وڃن، ياد رھي ته جتوئي مھر تڪرار گذريل ٻن سالن کان شڪارپور ۽ پني عاقل جي علائقن ۾ ھلندڙ آھي، جنھن ۾ چڱن مڙسن پاران فائر بندي ڪرائڻ جي دعويٰ ڪندي 20 اپريل تي جرڳو ڪرڻ جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آھي، ھن تڪرار ۾ 56 انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آھن.