| جتوئي ڀائرن جي 10 ڪيسن جون ٻڌڻيون ملتوي: بس گهڻو ٿيو، شرافت ڇڏي مزاحمت ڪنداسين: مرتضيٰ جتوئي |
نوشهرو فيروز (رپورٽ: مختيار علي سهتو) جتوئي ڀائر ڏهن ڪيسن جي ٻڌڻي لاءِ نوشهرو فيروز جي عدالت ۾ پيش ٿيا، اين پي پي چيئرمين مرتضيٰ جتوئي ۽ مسرور جتوئي عدالت پهتا، اي ٽي سي، اينٽي ڪرپشن ڪورٽ ۽ سيشن ڪورٽ 10 ڪيسز جون ٻڌڻيون ملتوي ڪري ڇڏيون، 8 ڪيسز جي ٻڌڻي 8 مئي ۽ ٻن ڪيسن جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي. پيشي جي موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي اين پي پي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي گهرو وزير پاران لغاري بجاراڻي واسين کي معافي واري سوال تي چيو ته ماڻهو به توهان ماريو، گهر به انهن جا توهان ڊاهيو ۽ معاف به توهان ڪيو، هاڻي گهڻو ٿيو، وڌيڪ برداشت نه ڪنداسين، مون ڪالهه به چيو هو ته انف از انف. مرتضيٰ جتوئي چيو ته پلاند تي يقين نه ٿو رکان پر ٿيل نقصان جو حساب وٺنداسين، گهرو وزير وڏي دل جو مظاهرو ڪيو آهي، هنن هر برادري سان دشمني وڌائي ڇڏي آهي، لغارين سان به دشمني، مرين سان به دشمني، جتوئين سان به دشمني، اهي ڪمزور برادريون نه پر مضبوط برادريون آهن، ھنن اسان کي مجبور ڪيو ته سنڌ جا روڊ رستا بند ڪري سگهون ٿا ۽ ڪرائينداسين، گهڻي شرافت ٿي هاڻي عملي مزاحمت ڪنداسين.هن چيو ته هاڻي جي ڊي اي جي نوجوان قيادت ميدان ۾ آئي آھي جن ۾ راشد شاهه، معظم عباسي ۽ حسنين مرزا آھن، اسان سڄي زندگي سياست ڪري پوڙھا ٿي ويا آھيون پر وري به اسان هنن سان گڏ آھيون.