| جتوئي ڀائرن کي آجياڻو ڇو ڏنو؟ دريا خان مري ۾ اين پي پي اڳواڻ جي مارڪيٽ بلڊوز: پمپ سيل، اٽالا مقرر |
دريا خان مري (خاص عيوضي) جتوئي ڀائرن کي آجياڻو ڇو ڏنو؟ درياءِ خان مري ۾ انتظاميا اين پي پي اڳواڻ جي مارڪيٽ ڊاهي ڇڏي: پيٽرول پمپ به سيل، اٽا لا مقرر، ان ڏس ۾ نوشھروفيروز جي اي سي عثمان عارف ڀٽي تعلقي انتظاميه ۽ اينٽي انڪروچمينٽ فورس سان گڏجي نيشنل پيپلز پارٽي جي شھيد بينظيرآباد جي ڊويزنل صدر غلام حيدر مري جي مري پيٽروليم سروس جا يونٽ پٽي پيٽرول پمپ سيل ڪري ڇڏيو، جڏھن ته ختم نبوت چوڪ وٽ نئين ٺھرايل مارڪيٽ پڻ ڳري مشنري ذريعي ڊاھي پٽ ڪري اتي پوليس اٽالا مقرر ڪري ڇڏيا، اين پي پي اڳواڻن موجب نيشنل پيپلز پارٽي جي چيئرمين غلام مرتضيٰ جتوئي، صوبائي صدر مسرور جتوئي ۽ شاھنواز جتوئي کي اين پي پي اڳواڻ غلام حيدر مري پاران 2 ڏينھن اڳ ڳوٺ موٽر مري ۾ آجياڻو ڏيڻ بعد اها ڪاروائي ڪئي وئي آهي، ٻئي طرف نيشنل پيپلز پارٽي شھيد بينظيرآباد جي ڊويزنل صدر غلام حيدر مري چيو ته مري پيٽروليم سروس سالن کان ھلندڙ آھي، جنھن کي بنا جواز سيل ڪري يونٽ پٽيا ويا آهن، هن چيو ته اھڙين ڪاررواين سان اسان جا حوصلا پست نه ٿيندا، آئون پارٽي سان سچو آھيان، مرڻ گھڙيءَ تائين مان پارٽي نه ڇڏيندس، هوڏانهن اي سي نوشھروفيروز عثمان عارف ڀٽي جو چوڻ هو ته پيٽرول پمپ غير قانوني ھلندڙ ھو، جڏهن ته مارڪيٽ پڻ غير قانوني طور ٺھرائي وئي هئي، رات دير تائين اينٽي انڪروچمينٽ فورس ۽ ضلعي انتظاميا جا عملدار واقعي واري ھنڌ موجود ھئا.