| جتي روڊ ناهن اتي به ٽول ٽيڪس ورتو پيو وڃي: سنڌ ۽ بلوچستان جو اسٽينڊنگ ڪاميٽي ۾ احتجاج |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سنڌ ۽ بلوچستان جي ميمبرن احتجاج ڪندي چيو آهي ته جٿي روڊ ٺهيا ئي ناهن اتي به ٽول ٽيڪس ورتو پيو وڃي. تفصيل موجب قومي اسيمبلي جي مواصلات بابت اسٽيڊنگ ڪميٽيءَ جو اجلاس چيئرمين ڪميٽي اعجاز جکراڻي جي صدارت هيٺ منعقد ٿيو. ڪميٽي جي ميمبر شمشير علي مزاري ۽ مير شبير بجاراڻي مواصلات واري وفاقي وزير تي سخت ناراضگي جو اظهار ڪندي چيو ته وفاقي وزير مواصلات اين ايچ اي کي هائوسنگ سوسائٽي وانگر هلائي رهيو آهي. فنڊ گڏ ڪرڻ لاءِ ٽول پلازائن جو استعمال ڪيو پيو وڃي، جتي روڊ ئي ناهي ٺهيو، اتي به ٽول ٽيڪس وصول ڪيو پيو وڃي، وزير مواصلات ۽ سيڪريٽري ڪميٽي کي سنجيدگي سان نٿا وٺن، ڪميٽي وزيراعظم کي خط لکي. پارليماني سيڪريٽري گل اصغر خان ڪميٽيءَ کي ٻڌايو ته ڇهن مهينن اندر ايم سڪس تي ڪم شروع ٿي ويندو، وفاقي وزير جي غير موجودگي ۾ اهم ريمارڪس ڏنا ويا آهن، ڪميٽي ميمبر نظير ٻگهيو چيو ته سنڌ ۾ جيڪڏهن ڪو موٽروي ٺهيو آهي ته ٻڌايو وڃي. سنڌ متعلق ڪميٽي ميمبرن شڪايتن جا انبار لڳائي ڇڏيا. سنڌ ۾ هڪ به وڏو منصوبو ناهي ٺهيو. بلوچستان ۽ سنڌ جي ميمبرن روڊن جي تباهه حالي تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. ڪميٽي ميمبر جمال ڪاڪڙ چيو ته منهنجي ڄاڻ مطابق وفاقي وزير مواصلات بلوچستان جي منصوبن تي ڪم روڪروائي ڇڏيو آهي، بلوچستان ۾ نوان روڊ شروع ڪيا پيا وڃن، ڇا پراڻن روڊن جي مرمت نه ٿيندي. مواصلات واري وزارت جي نمائندي چيو ته اسان جي نيٽ ورڪ جو 54 سيڪڙو روڊ نيٽ ورڪ بلوچستان ۾ آهي، پر رڪوري صرف هڪ سيڪڙو آهي. ڪميٽي ميمبر عثمان بادني چيو ته بلوچستان ۾ روڊ صرف گوادر تائين پهچ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، بلوچستان جي منصوبن بابت الڳ ڪميٽي ٺاهي وڃي. ابرار شاهه چيو ته ڪنهن هڪ ضلعي ۾ ٻه ٽول پلازا ناهن، پر منهنجي ضلعي نوشهروفيروز ۾ ٻه ٽول پلازا آهن، ڪنڊياري ٽول پلازا ختم ڪيو وڃي. ڪميٽي ميمبرن وڌيڪ ٽول پلازائن بابت خدشن جو اظهار ڪندي چيو ته ڀلي ٽول ٽيڪس جي قيمت وڌائي وڃي، پر پلازائن جو تعداد گهٽايو وڃي.