آڊيو ليڪس ڪميشن بابت ٻڌڻي مڪمل: سپريم ڪورٽ فيصلو محفوظ ڪري ورتو
مَي 26, 2023
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ آڊيو ليڪس ڪميشن خلاف درخواستن تي ٻڌڻي مڪمل ڪري ورتي
سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني لارجر بينچ درخواستن تي ٻڌڻي کانپوءِ فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي
چيف جسٽس چيو ته اوهان ججز جي حوالي سان هڪ بورڊ يا ڪميشن جوڙي اهو ممڪن ناهي اوهان ايئن نٿا ڪري سگهو
چيف جسٽس چيو ته ان حوالي سان مختصر ۽ عبوري حڪم جاري ڪنداسين
ذريعن موجب سپريم ڪورٽ پاران فيصلو اڄ ئي ٻڌايو ويندو
3 رڪني ڪميشن خلاف داخل درخواستن تي ٻڌڻي ڪندڙ بئنچ ۾ جسٽس منيب اختر، جسٽس اعجاز الاحسن، جسٽس شاهد وحيد ۽ جسٽس حسن اظهر رضوي شامل آهن
Pakistan Bar Council announces to file camplaints of misconduct in Supreme Judicial Council against SC judge Justice Mazahar Ali Naqvi over the audio leaks featuring a conversation about the fixation of case before particular bench or judge pic.twitter.com/v5Ee9B6MzV
— Murtaza Ali Shah (@MurtazaViews) February 21, 2023