ججز جي خط تي جوڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل

اپريل 2, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد ھاءِ ڪورٽ جي ججز جي خط جي جوڊيشل انڪوائري لاءِ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي، جنھن ۾ حڪومتي ڪميشن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آھي

سپريم ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته 6 ججز جي خط تي سپريم ڪورٽ ججز کان جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي، ججز کي ڌمڪائڻ ۽ عدالتي معاملن ۾ مداخلت جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني وڃي

 درخواست ۾ حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آھي، درخواست لاھور ھاءِ ڪورٽ بار ايسوسئيشن پاران داخل ڪرائي وئي آھي

Leave A Comment