اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ، سپريم ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز کي شڪي پائوڊر وارا خط ملڻ جا 3 مختلف ڪيس داخل ڪيا ويا آهن
ذريعن موجب اسلام آباد پوليس جي ڪائونٽر ٽيرر ازم ڊپارٽمينٽ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ سميت سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي ججز کي شڪي پائوڊر وارا خط ملڻ جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي
پوليس ان حوالي سان جاچ ۾ ٿيل اڳڀرائي بابت سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي رجسٽرار کي پڻ آگاهه ڪري ڇڏيو آهي
ذريعن موجب ڊويزنل پوسٽ آفيس سيٽلائيٽ جي حدن ۾ واقع پوسٽ باڪسز جو معائنو جاري آهي، پوسٽ آفيس جو سمورو عملو جاچ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، پوسٽ باڪسز جي علائقي ۾ دڪانن ۽ آفيسز ۾ ڪم ڪندڙن کان به جاچ ڪئي پئي وڃي
ذريعن جو چوڻ آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي 5 ججز کي شڪي خط روالپنڊي ۽ اسلام آباد جي پتَـي تان اُماڻيا ويا، سي ٽي ڊي جي ٽيم جاچ لاءِ راولپنڊي ۽ اسلام آباد رواني ٿي وئي آهي
شروعاتي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته سيٽلائٽ ٽائون واري علائقي ۾ پوسٽ باڪسز جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ اڪثر سي سي ٽي وي فٽيجز خراب آهن جنهن سبب رڪارڊ نه پيو ملي
ٻئي طرف پنجاب فورينزڪ سائنس ايجنسي ۾ خطن مان مليل پائوڊر جو پڻ مشاهدو جاري آهي