ججز کي ڌمڪين وارا خط اُماڻڻ جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان: معاملي تي سياست بدران ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو: وزيراعظم

اپريل 4, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم ججز کي ڌمڪين وارا خط اُماڻڻ جي جاچ ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي سندس چوڻ آهي ته معاملي تي سياست بدران ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ چيف جسٽس سميت سپريم ڪورٽ، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۽ لاهور هاءِ ڪورٽ جي ججز کي ڌمڪين وارا خط ملڻ واري معاملي تي پڻ غور ويچار ڪيو ويو

اجلاس کي خطاب ڪندي شهباز شريف چيو  ته ججز ڏانهن اُماڻيل خطن ۽ شڪي پائوڊر جي جاچ ٿيندي، اُن ۾ سڀ ڪجهه واضح ثي ويندو، ججز کي خط ۽ شڪي پائوڊر ملڻ تي سياست بدران ذميواري جو مظاهرو ڪرڻو پوندو

سندس چوڻ هو ته اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي 6 ججز جي مبينا مداخلت وارن الزام جي جاچ لاءِ ڪميشن جوڙي، بعد ۾ تصديق حسين جيلاني ڪميشن جي سربراهي کان معذرت ڪئي، اسان پنهنجي ذميواري پوري ڪئي، معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺڻ بعد هاڻي سپريم ڪورٽ جي ڪورٽ ۾ بال آهي

Leave A Comment