| ججن جي مقررين بابت تازين ترميمن تي ڳڻتي، پاڪستان ۾ رياستي ۽ سرڪاري ادارا ڪرپشن ۾ ملوث آهن: آءِ ايم ايف |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) پنهنجي 186 صفحن تي ٻڌل رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته پاڪستان ۾ حڪومت جي هر شعبي ۾ ڪرپشن جو خطرو موجود آهي، سڀني کان وڌيڪ نقصان ڏيندڙ ڪرپشن اها آهي جيڪا طاقتور ۽ مراعتون ماڻيندڙ حلقا اهم معاشي شعبن تي اثر انداز ٿي ڪن ٿا، جن ۾ رياستي ملڪيتن وارا يا رياستي سرپرستي وارا ادارا به شامل آهن. رپورٽ موجب پاڪستان ۾ بدعنواني جي حقيقي مقدار جاچڻ جو ڪوبه ڀروسي جوڳو طريقو موجود نه آهي، پر قومي احتساب بيورو (نيب) طرفان صرف 2 سالن ۾ 5300 ارب رپين جي ريڪوريز انهي معاملي جا اهم اشارا آهن. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته اها ريڪوري بدعنواني جي گڏيل معاشي اثرن جو صرف هڪ پاسو آهي. آءِ ايم ايف اڳڪٿي ڪئي آهي ته بهترين گورننس ۽ سڌارا لاڳو ٿيڻ سان پاڪستان جي معيشت ايندڙ پنج سالن ۾ 5 کان 6.5 سيڪڙو تائين جي ڊي پي ۾ اضافو حاصل ڪري سگهي ٿي. رپورٽ ۾ پاڪستان جي باني محمد علي جناح جي 1947ع جي خطاب جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته اڄ 70 سالن کان پوءِ به بدعنواني ملڪ جي معاشي، سماجي ترقي ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ بڻيل آهي. جيڪا سرڪاري رقم جي ضايع، مارڪيٽ جي بگاڙ، غيرمنصفاڻي ورڇ، عوامي ڀروسي ۾ گهٽتائي ۽ سرمائيڪاري ۾ رنڊڪ جو سبب آهي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته شهري عام طور تي سرڪاري خدمتون کي حاصل ڪرڻ لاءِ رشوت ڏيڻ تي مجبور آهن، جڏهن ته پاليسي سازي تي سياسي ۽ معاشي اشرافيه جو گهرو اثر آهي، جيڪا سرڪاري طاقت کي ذاتي مفاد لاءِ استعمال ڪندي آهي، عدليه جون ڪمزوريون ۽ احتسابي ادارن جي غير موثريت به بدعنواني کي هٿي ڏين ٿيون. رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو ته عوام عدليه کي ملڪ جي سڀني کان وڌيڪ بدعنوان ادارن ۾ شمار ڪري ٿو ۽ عدالتي نظام ۾ عدم شفافيت، ڪمزور ڪارڪردگي ۽ نااهلي انصاف جي فراهمي کي متاثر ڪري ٿي. آءِ ايم ايف تجويز ۾ چيو ته عدالتي آفيسرن جي ڪارڪردگي ۽ اخلاقي معيار جي نگراني جو نظام مضبوط بنايو ويندو. رپورٽ ۾ ججز جي مقرري جي طريقيڪار ۾ تازو تبديلين جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته جيڪڏهن شفاف اصول اختيار نه ڪيا ويا ته عدليه جي آزادي تي خدشا وڌي سگهن ٿا، ججز جي مقرري لاءِ واضح، شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل معيار جوڙيو وڃي. آءِ ايم ايف چيو ته ٽيڪس نظام جي ڏکيائين، سرڪاري خرچن، مالياتي انتظام ۾ ڪمزوريون، پبلڪ پروڪيورمنٽ ۽ رياستي ادارن جي نگراني جي کوٽ ملڪ ۾ بدعنواني جا وڏا سبب آهن. رپورٽ موجب بدعنواني نه صرف عوامي خدمتن کي متاثر ڪري رهي آهي پر معاشي ترقي، سرمائيڪاري ۽ قومي وسيلن کي به بهتر استعمال ۾ به رڪاوٽ بڻجي رهي آهي.
| شگر مل مالڪن ذخيره اندوزي ۽ مني لانڊرنگ سان اربين رپيا ڪمايا: آءِ ايم ايف |
اسلام آباد: آءِ ايم ايف 2019ع ۾ پي ٽي آءِ جي حڪومت واري دور دوران کنڊ جي برآمد جي اجازت کي انهي ڳالهه جي مثال قرار ڏنو ته ڪهڙي طرح بااثر ڪاروباري اداري ۽ سرڪاري عهديدار پاليسين کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪندا آهن. جاچ رپورٽن موجب شگرمل مالڪن ذخيره اندوزي، قيمتن ۾ مصنوعي اضافو ۽ جعلي اڪائونٽس جي ذريعي مني لانڊرنگ جهڙن قدمن سان اربين رپيا ڪمايا، جڏهن ته عوام قيمتن جي بحران جو شڪار ٿيو ۽ شاهدين جي باوجود بهتر احتساب نه ٿي سگهيو. جڏهن ته رپورٽ ۾ گذريل ۽ هلندڙ سال کنڊ جي بحران جو ڪو ذڪر نه ڪيو ويو آهي.
| ايس آءِ ايف سي جي شفافيت ۽ اختيارن تي اعتراض |
اسلام آباد: آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ 15 نقاطي سڌارن جي ايجنڊا کي فوري طور تي شروع ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. سرڪاري معاهدن ۾ اهم سرڪاري ادارن لاءِ خاص رعايتون ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. جڏهن ته اهو به چيو ويو آهي ته ايف ايس آءِ ايف سي جي اختيارن، استثنيٰ ۽ شفافيت تي سوال اٿاريندي چيو آهي ته ايس آءِ ايف سي جي فيصلن ۾ شفافيت وڌائڻ گهرجي. حڪومت جي مالي انتظامن جي سخت پارلياماني نگراني جي سفارش ڪئي وئي آهي آءِ ايم ايف اينٽي ڪرپشن ادارن ۾ سڌارن جي ضرورت تي زور ڏنو آهي. ايس آءِ ايف سي جي سالياني رپورٽ فوري طور تي جاري ڪرڻ جو مطالبو به ڪيو آهي. آءِ ايم ايف سڀني سرڪاري خريدارين کي 12 مهينن اندر اي گورننس سسٽم ڏانهن منتقل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي ۽ چيو آهي ته بجيٽ ۽ خرچن جي وچ ۾ وڏو فرق حڪومت جي مالي شفافيت تي سوال اٿاري ٿو.
ملڪ ۾ ڪرپشن خلاف ڪم ڪندڙ سمورا ادارا ناڪام قرار، مني لانڊرنگ خلاف سزائن ۾ گهٽتائي
اسلام آباد: آءِ ايم ايف پنهنجي رپورٽ ۾ چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڪرپشن خلاف سڀ ڪوششون اڃا تائين مڪمل طور تي اثرائتيون نه رهيون آهن، آفيسر اهم فيصلا ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن، پاڪستان ڪاميابي سان ايف اي ٽي ايف جي هدفن کي حاصل ڪيو آهي، پر پاڪستان ايف اي ٽي ايف جي هدفن ۾ ڏنل سزائن تي عمل درآمد ڪرڻ ۾ سست رهيو آهي، مني لانڊرنگ ۾ ملوث ماڻهن خلاف سزائون گهٽجي ويون آهن.
حڪومت رپورٽ 3 مهينا لڪائي، قرض نه ملڻ جي ڊپ کان جاري ڪئي
اسلام آباد: ناڻي واري وزارت اها رپورٽ ٽن مهينن جي دير سان آءِ ايم ايف جي شرط تي جاري ڪئي آهي ته جيئن اداري جي ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ 1.2 ارب ڊالرز جي ٻن قسطن جي منظوري حاصل ڪري سگهجي.
سرڪاري خرچ گهٽائڻ جون ڪوششون ناڪام، ٽيڪس ڪامورن کي جوابده بڻائڻ جي سفارش
اسلام آباد: آءِ ايم ايف سرڪاري خرچ گهٽائڻا جي سمورين ڪوششن کي ناڪام قرار ڏيندي چيو آهي ته ڪيترن ئي ادارن ۾ ڪرپشن کي ختم ڪرڻ جي ڪافي صلاحيت ناهي، سرڪاري ادارن ۾ ڪيترائي ڪم عارضي ۽ ايڊ هاڪ بنيادن تي ڪيا ويندا آهن، ڪيترين ئي وزارتن ۾ آفيسرن کي لاڳاپيل وزارت جي معاملن ۾ مهارت ناهي رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽيڪس نظام ۾ پيچيدگيون حڪومت جي ڪمزوري کي ظاهر ڪن ٿيون ٽيڪس آفيسرن کي انهن جي ڪارڪردگي لاءِ جوابده هجڻ گهرجي.