| جج به انساني حق ڪميشن جا سربراهه ٿي سگهندا: انفرا اسٽرڪچر سيس بل منظور |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ اسيمبلي سنڌ انساني حقن جي تحفظ ۽ سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفرااسٽرڪچر سيس بابت 2 ترميمي بل منظور ڪري ورتا ، جڏهن ته سنڌ شاپس اينڊ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ ترميمي بل وڌيڪ غور لاءِ اسٽينڊنگ ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، اجلاس دوران پارلياماني معاملن واري وزير ضياالحسن لنجار انساني حقن واري ڪميشن جي چيئرمين جي عمر ۾ واڌ ڪرڻ وارو ترميمي بل پيش ڪيو، جيڪو اڪثريت سان پاس ڪيو ويو. ڪالهه ايجنڊا تي ڪو به سوالنامو نه هو. ايوان جي ڪارروائي دوران ايم ڪيو ايم جي ميمبر عامر صديقي پاران التوا واري تحريڪ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته ڪراچي ۾ ٽريفڪ سگنلن تي تمام گهڻا فقير آهن، جن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار التوا جي تحريڪ جي مخالفت ڪندي چيو ته اهو فوري مسئلو ناهي. جنهن بعد چيئرپرسن التوا جي تحريڪ کي رد ڪري ڇڏيو. ڪارروائي دوران صوبائي وزير ضياءُ الحسن لنجار سنڌ جي گورنر پاران منظور ڪيل 8 بل ايوان ۾ پڙهي ٻڌايا. صوبائي وزير پاران پيش ڪيل سنڌ دڪان ۽ ڪمرشل اسٽيبلشمينٽ ترميمي بل وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل اسٽينڊنگ ڪاميٽي ڏانهن موڪليو ويو. صوبائي وزير سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفراسٽرڪچر سيس بل پيش ڪندي چيو ته هي بل واپاري برادري جي ڪري پيش ڪيو ويو آهي. هن چيو ته ڪيترائي واپاري انفرااسٽرڪچر سيس ادا ڪرڻ تي راضي ٿيا آهن. هي معاملو گذريل ٻن مهينن کان التوا ۾ هو، هاڻي اسان انهي کي ٻيهر منظوري لاءِ ايوان ۾ پيش ڪري رهيا آهيون. بل پيش ٿيڻ وقت جماعت اسلامي جو ميمبر محمد فاروق مسلسل ڳالهائيندو رهيو، جنهن دوران ايوان ۾ گوڙ پڻ ٿيو، قانون واري وزير گوڙ کي نظرانداز ڪندي بل کي شق وار منظوري لاءِ پيش ڪيو. اسيمبلي سنڌ ڊولپمينٽ اينڊ مينٽيننس آف انفرااسٽرڪچر سيس بل منظور ڪيو. ايوان ۾ انساني حقن جي تحفظ لاءِ هڪ بل پيش ڪيو ويو. قانون واري وزير ضياءُ الحسن لنجار چيو ته اسان سنڌ انساني حقن جي ڪميشن ۾ ججن کي شامل ڪرڻ جي آڇ ڪريون ٿا. بل ذريعي اسان عمر جي حد وڌائي ڇڏي آهي، جڏهن ته ڪميشن ۾ سنڌ اسيمبلي جي ميمبرن جو تعداد پڻ ٻن کان وڌائي 3ڪيو ويو آهي. مختصر ڪارروائي کانپوءِ اجلاس سومر تي 2 وڳي تائين ملتوي ڪيو ويو.