جج جي گهرواري جي تشدد جو شڪار نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي

جُولاءِ 30, 2023

لاهور(پنهنجي ڊيسڪ) اسلام آباد ۾ سول جج جي گهرواري جي مبينا تشدد جو شڪار ملازمه نينگري جي حالت ڳڻتي جوڳي ٿي وئي

لاهور جي جنرل اسپتال ۾ نينگري رضوانه جو علاج جاري آهي پر پليٽي ليٽس ۽ رت گهٽجي وڃڻ سبب سندس حالت وڌيڪ خراب ٿي وئي آهي

ان حوالي سان ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته نينگري جا پليٽي ليٽس تمام گهٽ آهن، رت  به گهٽجي وئي آهي، پليٽي ليٽس ليول وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي

هنن ٻڌايو ته نينگري ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ پهريون ڀيرو پاڻ کاڌو گهريو آهي، کيس نرم غذا ڏني پئي وڃي

Leave A Comment