جج دٻاءَ ۾ اچڻ بدران بهادري سان فيصلا ڏين: جسٽس مندوخيل

جج دٻاءَ ۾ اچڻ بدران بهادري سان فيصلا ڏين: جسٽس مندوخيل

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ جي جج جسٽس جمال مندوخيل ججن کي ذاتي مفادن کان مٿانهون ٿي آئين ۽ قانون موجب فيصلا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ججن کي قانون جي حڪمراني لاءِ بيهڻ گهرجي.فيڊرل جڊيشل اڪيڊمي ۾ تقريب کي خطاب ڪندي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ججن کي قانون جي حڪمراني لاءِ بيهڻ گهرجي ۽ ذاتي مفادن بدران قانون موجب فيصلا ڪرڻ گهرجن. هن چيو ته ججن کي ڪنهن جي دٻاءَ ۾ اچي فيصلا نه ڪرڻ گهرجن، ججن کي رڳو آئين ئي کي بالادست قرار ڏيڻ گهرجي، کين پنهنجي سموري توانائي فريادين کي انصاف جي فراهمي تي لڳائڻ گهرجي