| جج سمري منظوري بابت صدر خلاف درخواست تي فيصلو محفوظ |
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ صدر آصف علي زرداري طرفان ججن جي مقرري واري سمري منظور نه ڪرڻ خلاف داخل درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو. جسٽس ارباب محمد طاهر درخواست تي ٻڌڻي ڪئي. درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته جوڊيشل ڪميشن 20 ۽ 21 جولاءِ جي اجلاس ۾ ججن جي مقرري جي سفارش ڪئي هئي، پر 15 ڏينهن گذرڻ باوجود سمري تي ڪو فيصلو ناهي ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران جسٽس ارباب محمد طاهر سوال ڪيو ته ڇا پاڪستان جي صدر خلاف اهڙي آئيني درخواست ٻڌڻ جوڳي آهي؟ وڪيل چيو ته صدر جي منظوري کانپوءِ عام طور تي قانون واري وزارت نوٽيفڪيشن جاري ڪندي آهي، پر جيڪڏهن منظوري ۾ دير ٿئي ته لاڳاپيل ادارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري سگهي ٿو. عدالت ريمارڪس ڏنا ته جنهن عدالتي فيصلي جو حوالو ڏنو پيو وڃي، ان ۾ موجوده نوعيت جي صورتحال موجود نه هئي. عدالت دليل ٻڌڻ کانپوءِ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.