اسلام آباد(بيورو رپورٽ) چيئرمين سپريم جوڊيشل ڪونسل جي صدارت ھيٺ جوڊيشل ڪونسل جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ اڳوڻي جج مظاھر اڪبر نقوي جي خلاف نجي بينڪ جي مئنيجر پنج، پنج ڪروڙ روپين جي ماليت جا بينڪ ڊرافٽ جو رڪارڊ ڪونسل ۾ پيش ڪيو، جڏھن ته شاھد ڪيپيٽل سمارٽي سٽي ۽ لاھور سمارٽ سٽي جي مالڪ زاھد رفيق حلف تي پنھنجو بيان به رڪارڊ ڪرايو
چيئرمين جوڊيشل ڪونسل چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت ۾ ڪونسل جو اجلاس ٿيو، جسٽس مظاھر اڪبر نقوي خلاف ڪاروائي ۾ شاھد ڪيپٽل سمارٽ سٽي ۽ لاھور سمارٽ سٽي جي مالڪ زاھد رفيق ڪونسل کي ٻڌايو ته منھنجون 8 ڪمپنيون آھن، گذريل چار ڏھاڪن کان تعميرات جي شعبي سان لاڳاپيل آھيان، لينڊ پووائيڊر راجا صفدر ذريعي مظاھر نقوي سان ملاقات ٿي
ڪونسل سوال پڇيو ته پنج ڪروڙ رپيا سمارٽ سٽي مظاھر نقوي پاران ڇو چوڌري شھباز ادا ڪيا.جنھن تي زاھد رفيق ٻڌايو ته اسان ادائيگي راجا صفدر کي ڪئي. ٻه ڀيرا مظاھر نقوي جي گھر وڃي ان سان ملاقات ڪئي، مظاھر نقوي جي ٻنھي پٽن کي سڃاڻيندو آھيان
زاھد رفيق پنھنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته انھن جي ڪمپني ماھوار ڏيڍ لک روپيا مظاھر نقوي جي پٽن جي لاءِ فرم کي ادا ڪندي رھي، مظاھر نقوي جي ڌيءُ کي ايمرجنسي ۾ لنڊن پئسن جي ضرورت ھئي، راجا صفدر مون کي ادائگي ڪرڻ جو چيو مان دبئي ۾ پنھنجي ھڪ دوست ذريعي مظاھر نقوي جي ڌي کي پنج ھزار پائونڊ لنڊن موڪليا
هن ٻڌايو ته اها رقم واپس نه ڪئي وئي، 16 اپريل 2019 تي 500 مربع گز جا ٻه پلاٽس مظاھر نقوي جي ٻنھي پٽن کي ڏنا، جڏھن ته سمارٽ سٽي لاھور ۾ ٻه سو مربع گز جا ٻه ڪمرشل پلاٽ مظاھر نقوي جي ٻنھي پٽن کي ڏنا. مظاھر نقوي جي پٽن ٻئي ڪمرشل پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا
چيئرمين جوڊيشل ڪونسل چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڪاروائي دوران چيو ته مظاھر نقوي صاحب چاھي ته پنھنجي وڪيل ذريعي شاھدن تي جرح ڪري سگھي ٿو، اڄ ٻيھر چئي رھيا آھيون. جيڪڏھن ڪو پيش نه ٿيو ته اھو سمجھو ويندو دفاع جي لاءِ ڪجھه ناھي
ڪونسل زاھد رفيق کي لاڳاپيل دستاويز پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي اجلاس جي ڪاورائي اڄ تائين ملتوي ڪري ڇڏي